ريوارڊز فار جسٽس آءِ ايس آءِ ايس- ڪي جي اڳواڻ شهاب المهاجر بابت معلومات جي فراهمي تي 10 ملين ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. جون 2020ع ۾ آءِ ايس آءِ ايس جي مک قيادت المهاجر کي، جنهن کي ثناءُ الله غفاري جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ڪيل آءِ ايس آءِ ايس- ڪي جو اڳواڻ مقرر ڪيو. آءِ ايس آءِ ايس جي هڪ پڌرائي ۾ سندس مقرري جو اعلان ڪندي چيو ويو ته المهاجر هڪ تجربيڪار فوجي اڳواڻ آهي ۽ ڪابل ۾ آءِ ايس آءِ ايس- ڪي جي ”شهري شينهن“ مان هڪ آهي جيڪو گوريلا ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ سان گڏ مشڪل ۽ آپگهاتي حملن جي رٿابندي ۾ شامل رهيو آهي. 1994ع ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ المهاجر سموري افغانستان ۾ آءِ ايس آءِ ايس- ڪي جي ڪارروائين جي منظوري ڏيڻ ۽ ڪارروائين لاءِ فنڊن جي فراهمي جو ذميوار آهي.