ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. حسيب محمد حدوان جنهن کي الحاج زين طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، حزب الله جي جنرل سيڪريٽريٽ ۾ سينيئر عهديدار آهي. هو حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي ماتحت آهي ۽ لبنان کان ٻاهر ڊونرز ۽ ڪاروباري ماڻهن کان فنڊز حاصل ڪرڻ سندس ذميواري آهي. حزب الله ۾ سندن ڪمن ۽ ذميوارين جي حصي طور حدوان ۽ سندس آفيس مئنيجر علي الشاعر لبنان ڏانهن رقم جي منتقلي لاءِ بين الاقوامي مالياتي نظام استعمال ڪن ٿا جڏهن ته فنڊز گڏ ڪرڻ جي اصل مقصد کي لڪايو وڃي ٿو جيڪو تنظيم جي دهشتگرداڻي سرگرمين لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي.
17 سيپٽمبر 2021ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي حدوان کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙحدوان جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي حدوان سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.