آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

علي سعدي

آفريڪا - سب صحارا | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. علي سعدي گني ۾ ڪم ڪندڙ حزب الله جو فنانسر آهي. سعدي گني مان حزب الله کي رقم جي منتقلي جي شروعات ڪئي، حزب الله جي نمائندن وسيلي گني ۽ لبنان ۾ فنڊز منتقل ڪيا ويا.

تازو ئي 2020ع ڌاري گني ۾ رهندڙ لبناني واپارين جن ۾ سعدي ۽ حزب الله جو فنانسر ابراهيم طاهر شامل آهن، هڪ خاص اڏام وسيلي وڏي رقم کڻي گني کان لبنان روانا ٿيا. واپارين جي گروپ دعويٰ ڪئي ته رقم لبنان ۾ ڪووڊ-19 سبب امداد هئي ته جيئن جاچ کان بچي سگهجي. ان کان اڳ ڪووڊ-19 جي رليف کي گني کان لبنان ۾ حزب الله کي فنڊن جي منتقلي کي لڪائڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي.

سعدي تي مڇي مارڻ واريون ٻيڙيون منشيات جي اسمگلنگ سميت غيرقانوني سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جو شڪ آهي.

4 مارچ 2022ع تي آمريڪي ناڻي واري وزارت سعدي کي حزب الله لاءِ مادي مدد فراهم ڪرڻ، اسپانسر ڪرڻ، مالي مدد جي فراهمي، مٽيريل يا ٽيڪنالاجي جي سپورٽ فراهم ڪرڻ يا حزب الله کي سامان يا خدمتن جي فراهمي سبب ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي سبب ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ سعدي جي سموري ملڪيت، ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي سعدي سان ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ سعدي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي سعدي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

تصويرون:

پوسٽرز:

لاگاپيل مقامات:

Guinea

پيدائش جي تاريخ:

18 مئي 1942ع

پيدائش جو هنڌ:

ڪونڪري، گني

قوميت:

لبنان

قومي شناختي ڪارڊ نمبر۽ ملڪ:

آر ايل 0420013 (لبنان)، ختم ٿيڻ جو مدو پهرين مارچ 2015ع، 14205180170519 (گني)، ختم ٿيڻ جو مدو 29 مئي 2024ع، 18 ايف وي 09784 (فرانس)، ختم ٿيڻ جو مدو 6 فيبروري 2029ع

جنس:

مرد

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ:

علي موسيٰ سعدي

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content