هن گروپ کي بنيادي طور تي پرچار۽ ويڙهه لاءِ سلفي گروپ سمجهيو وڃي ٿو، القاعدہ (جي ايس پي سي) اسلامي مغرب ۾ (اي ڪيو آءِ ايم) 2006ع ۾ القاعدہ سان وفاداري جو اعلان ڪرڻ بعد سامهون آيو. جڏهن ته اي ڪيو آءِ ايم گهڻو ڪري آفريقي علائقي ساحل ۾ علائقائي دهشتگرد گروپ رهيو، هن وڌيڪ اولهه مخالف بيانبازي ۽ نظرئي کي اختيار ڪيو.
اي ڪيو آءِ ايم معمول مطابق دهشتگردي جون ڪارروايون ڪندي رهي آهي جن ۾ آپگهاتي بم ڌماڪا، شهري هدفن تي حملا ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جون وارداتون شامل آهن. 2007ع ۾ اي ڪيو آءِ ايم جي الجزيره ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز جي عمارت ۽ الجزائري حڪومت جي عمارت تي بم حملن جي نتيج ۾ 60 ڄڻا مارجي ويا. جنوري 2016ع ۾ اي ڪيو آءِ ايم برڪينا فاسو جي هڪ هوٽل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا مارجي ويا 56 زخمي ٿي پيا. مارچ 2016ع ۾ اي ڪيو آءِ ايم آفريقي مڪ ڪوٽي ديوائر جي سامونڊي ريزورٽ تي حملي جي ذميواري جي دعويٰ ڪئي جنهن ۾ 16 ماڻهو مارجي ويا ۽ 33 زخمي ٿي پيا. جنوري 2017ع ۾ اي ڪيو آءِ ايم گائو مالي ۾ هڪ آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
27 مارچ 2002ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ڪيو آءِ ايم کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 23 سيپٽمبر 2001ع تي اي ڪيو آءِ ايم کي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، ان جي نتيجي ۾ خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور پابندين تحت اچي وئي. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ اي ڪيو آءِ ايم جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي اي ڪيو آءِ ايم سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. اي ڪيو آءِ ايم کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.