اسلامڪ اسٽيٽ ان عراق اينڊ سيريا (آءِ ايس آءِ ايس) يا داعش عراق ۾ القاعدہ جي باقيات مان اڀري. هن گروپ مقامي ارادن لاءِ آءِ ايس آءِ ايس يا داعش جي مقامي عرفيت استعمال ڪئي جڏهن ته هن پنهنجي ڪارروائين کي شام جي تڪرار تائين وڌايو. آءِ ايس آءِ ايس جو سربراهه ابو بڪر البغدادي هو جنهن جون 2014ع ۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هو 27 آڪٽوبر 2019ع تي کيس پڪڙڻ لاءِ ڪيل آمريڪي فوجي آپريشن دوران مارجي ويو. آءِ ايس آءِ ايس شام جي تڪرار ۽ عراق ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کي استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ان کي ٻنهي ملڪن جي علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. 2019ع ۾ آءِ ايس آءِ ايس کي شڪست ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل عالمي اتحاد جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ عالمي ادارا شامل هئا، شام ۽ عراق ۾ آءِ ايس آءِ ايس جي ڪنٽرول وارا سمورا علائقا آزاد ڪرايا. هن گروپ خلاف عراق، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوششون جاري آهن.
نومبر 2015ع ۾ آءِ ايس آءِ ايس پيرس ۾ ڪيترائي منظم حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آمريڪي شهري سميت 130 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ 350 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. مارچ 2016ع ۾ برسلز ۾ هڪ ئي وقت ٻن حملن جون هدايتون ڏنيون جن جي نتيجي ۾ 4 آمريڪي شهرين سميت 32 ڄڻا مارجي ويا ۽ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. جون 2016ع ۾ هڪ هٿياربند جيڪو آءِ ايس آءِ ايس سان وفاداري جي دعويٰ ڪري رهيو هو، پلس نائيٽ ڪلب اورلينڊو، فلوريڊا ۾ 49 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻين 53 کي زخمي ڪري ڇڏيو. آءِ ايس آءِ ايس جولاءِ 2016ع ۾ فرانس جي شهر نيس ۾ فرانس جي قومي ڏينهن جي تقريبن جي موقعي تي ڪارگو ٽرڪ وسيلي ماڻهن جي ميڙ تي ڪيل حملي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽن آمريڪي شهرين سميت 86 ماڻهو مارجي ويا. جنوري 2019ع ۾ شام جي شهر منبج ۾ ريسٽورنٽ تي ٿيل آپگهاتي بم حملي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن ۾ چئن آمريڪي شهرين سميت 19 ڄڻا مارجي ويا. 2019ع ۾ ايسٽر واري آچر ڏينهن تي سريلنڪا ۾ آءِ ايس آءِ ايس کان متاثر دهشتگردن جي ڪيترن ئي چرچن ۽ هوٽلن تي آپگهاتي بم حملن جي نتيجي ۾ 250 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا جن ۾ 5 آمريڪي شهري پڻ شامل آهن.
17 ڊسمبر 2004ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ڪيو آءِ (جنهن کي هاڻي داعش يا آءِ ايس آءِ ايس طور ڄاتو وڃي ٿو) کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 15 آڪٽُوبر 2004ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق اي ڪيو آءِ کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو هو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ آءِ ايس آءِ ايس جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي آءِ ايس آءِ ايس سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. آءِ ايس آءِ ايس کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.