ريوارڊز فار جسٽس محمود عبدي عدن ۽ ڪنهن به ٻئي ماڻهو جيڪو 2019ع ۾ نيروبي، ڪينيا ۾ ڊيوسٽ ڊي 2 هوٽل ڪمپليڪس تي ٿيل الشباب جي دهشتگردن جي حملي جو ذميوار آهي، بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 15 جنوري 2019ع جي ٽيپهري جو ڌماڪيدار مادي، آٽوميٽڪ هٿيارن ۽ گرنيڊن سان هٿياربند الشباب جي هٿياربندن دڪانن، آفيسن ۽ هڪ هوٽل تي ٻڌل 6 عمارتن واري ڊيوسٽ ڊي 2 ڪمرشل سينٽر تي حملو ڪيو. هڪ آمريڪي شهري سميت 21 ڄڻا حملي ۾ مارجي ويا. الشباب–القاعده سان جڙيل هڪ دهشتگرد تنظيم–پنهنجي سرڪاري خابرو ايجنسي شهاده وسيلي ان سموري حملي دوران تازي صورتحال جاري ڪندي رهي ۽ هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته حملو القاعده جي تڏهوڪي سربراهه ايمن الزواهري جي اڳواڻي جي موٽ ۾ ڪيو ويو.
الشباب جي اڳواڻ عدن جنوري 2019ع جي حملي واري منصوبي ۾ مدد ڪئي. 17 آڪٽوبر 2022ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت کيس ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر (اِي او) 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو.
الشباب ڪينيا، صوماليا ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ ڪيترن ئي دهشتگرداڻي حملن جي ذميوار آهي جن ۾ آمريڪي شهرين سميت هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزارت مارچ 2008ع ۾ الشباب کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) ۽ خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو. اپريل 2010ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صوماليا بابت پابندي واري ڪميٽي پڻ ٺهراءُ 1844(2008ع) جي پيراگراف 8 مطابق نامزد ڪيو.