آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

ناظم سعيد احمد

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر | يورپ ۽ يوريشيا

انعام

Up to $10 million

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.

ناظم سعيد احمد لبنان ۾ ترسيل ناميارو مني لانڊرر ۽ حزب الله جو اهم فنانسر آهي.

احمد حزب الله کي سڀ کان وڌيڪ عطيو ڏيندڙن مان هڪ آهي، جيڪو ”بلڊ ڊائمنڊ“ جي واپار سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن وسيلي فنڊ پيدا ڪري ٿو. حزب الله احمد ۽ سندس ڪمپنين کي دهشتگرد گروپ لاءِ وڏي رقم کي اڇو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. 2016ع جي آخر ڌاري، احمد کي حزب الله جو مک مالياتي عطيو ڏيندڙ سمجهيو ويندو هو جنهن پنهنجي ڪمپنين وسيلي حزب الله لاءِ ڪاري ناڻي کي اڇو ڪيو ۽ ذاتي طور تي حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله کي فنڊز فراهم ڪيا. احمد ”رت هاڻن هيرن“ (بلڊ ڊائمنڊ) جي اسمگلنگ ۾ ملوث رهيو آهي ۽ ان کان اڳ بيلجيم ۾ ڪاروبار هلايو جنهن سان فائدو حزب الله کي فائدو پهتو.

احمد آمريڪي پابندين جي اثرن کان بچڻ لاءِ پنهنجا ڪجهه ذاتي فنڊز قيمتي آرٽ ۾ لڳايا ۽ هن ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ لاءِ بيروت ۾ هڪ آرٽ گيلري کولي. احمد وٽ لکين ڊالرن جي ماليت جو هڪ وسيع آرٽ ڪليڪشن آهي، جن ۾ پابلو پڪاسو ۽ اينڊي وارهول جو ڪم به شامل آهي، جن مان ڪيتريون ئي بيروت ۾ سندس گيلري ۽ پينٽ هائوس ۾ نمائش لاءِ رکيون ويون آهن. وڏي رقمن جي منتقلي ۽ غيرقانوني مالياتي ڏيتي ليتي وسيلي احمد پنهنجن اثاثن کي جائز ٽيڪس کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لبناني حڪومت کان پنهنجي ناجائز منافعي کي لڪائيندي، احمد حڪومت ۽ لبناني عوام کي شديد نموني گهربل ٽيڪس ريونيو کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ملڪ سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

13 ڊسمبر 2019ع تي آمريڪي ناڻي واري وزارت احمد کي حزب الله لاءِ مادي مدد فراهم ڪرڻ، اسپانسر ڪرڻ، مالي مدد جي فراهمي، مٽيريل يا ٽيڪنالاجي جي سپورٽ فراهم ڪرڻ يا حزب الله کي يا ان جي سپورٽ لاءِ سامان يا خدمتن جي فراهمي سبب ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي سبب ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ احمد جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي احمد سان ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

تصويرون:

پوسٽرز:

لاگاپيل مقامات:

بيلجيم, لبنان

مشھور مقامات:

Mteferraa From Es Semrlnd, Beirut, Lebanon

پيدائش جي تاريخ:

January 5, 1965

پيدائش جو هنڌ:

Sierra Leone

شهريت:

Belgium

قوميت:

Lebanon

جنس:

مرد

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ:

Nazem Said Ahmed;Nazim Sa’id Ahmad;Nazim Ahmad;Nizam Saed Ahmad, Nazem Ali Ahmad;Nazem Saeed Ahmad;Nazem Saied Ahmed

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content