ريوارڊز فار جسٽس محمد الجولاني بابت معلومات ڏيڻ تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو، الجولاني کي ابو محمد الجولاني ۽ محمد الجيولاني طور به سڃاتو وڃي ٿو. الجولاني شام ۾ القاعده (اي ڪيو) سان لاڳاپيل النصره فرنٽ (اي اين ايف) جي اڳواڻي ڪري ٿو. جنوري 2017ع ۾ اي اين ايف ٻين ڪيترن ئي سخت گير مخالف ڌر جي گروپن سان انضمام ڪري حيات تحرير الشام (ايڇ ٽي ايس) کي قائم ڪيو. جڏهن ته الجولاني ايڇ ٽي ايس جو اڳواڻ ناهي، هو اي ڪيو سان لاڳاپيل اي اين ايف جو اڳواڻ آهي جيڪو ايڇ ٽي ايس جو مک حصو آهي.
الجولاني جي اڳواڻي ۾ اي اين ايف سڄي شام ۾ ڪيترائي دهشتگرداڻا حملا ڪيا آهن جن ۾ اڪثر شهرين کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. اپريل 2015ع ۾ اي اين ايف مبينه طور تي 300 جي لڳ ڀڳ ڪرد شهرين کي شام ۾ هڪ چيڪ پوسٽ تان اغوا ڪيو ۽ بعد ۾ آزاد ڪري ڇڏيو. جون 2015ع ۾ اي اين ايف شام جي صوبي عدليب ۾ قلب لازيهه جي دروز ڳوٺ جي 20 ڳوٺاڻن جي قتل عام جي ذميواري قبول ڪئي.
اپريل 2013ع ۾ الجولاني القاعده ۽ سندس اڳواڻ ايمن الظواهري جي بيعت ڪئي. جولاءِ 2016ع ۾ الجولاني هڪ آن لائن وڊيو ۾ القاعده ۽ الظواهري جي واکاڻ ڪئي ۽ دعويٰ ڪئي ته اي اين ايف پنهنجو نالو تبديل ڪري جبهت فتح الشام ( ليونٽ فرنٽ جي فتح) رکي رهي آهي.
16 مئي 2013ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت الجولاني کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ الجولاني جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي الجولاني سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم اي اين ايف کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.