ريوارڊز فار جسٽس محمد احمد المنور بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، المنور کي عبدالرحمان الراشد منصور ۽ اشرف نعيم منصور طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. المنور جيڪو دهشتگرد گروپ ابو ندال تنظيم جو مبينه ميمبر آهي، 5 سيپٽمبر 1986ع تي ڪراچي پاڪستان ۾ پان آمريڪي اڏام 73 جي اغوا ۾ ڪردار سبب گهربل آهي. 379 مسافرن ۽ عملي کي لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائڻ کانپوءِ هائجيڪرن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آمريڪين سميت 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
هائجيڪنگ ۾ ڪردار سبب آمريڪا جي فيڊرل گرينڊ جيوري المنور تي فرد جرم لاڳو ڪئي ۽ هو ايف بي آءِ جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي. المنور امڪاني طور تي وچ اوڀر ۾ رهي پيو.