آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

فواد محمد خلف

آفريڪا - سب صحارا

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس فواد محمد خلف جنهن کي فواد شونگلي جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. خلف الشباب جو اڳواڻ آهي ۽ آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد ٿيل گروپ جي مالي مدد ڪئي آهي.

اپريل 2008ع تي موغاديشو صوماليا ۾ خلف ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏين وسيلي ايٿوپيائي فوجي اڏن ۽ عبوري حڪومتي عنصرن خلاف حملن جون هدايتون ڏنيون. مئي 2008ع ۾ خلف ۽ ويڙهاڪن جي هڪ گروپ موغاديشو ۾ هڪ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري قبضو ڪري ورتو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي سپاهي مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا. ساڳئي مهيني خلف ڪسمايو صوماليا جي مسجدن ۾ الشباب لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جا پروگرام منعقد ڪيا.

13 اپريل 2010ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي خلف کي تشدد ۽ صوماليا ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ ۾ ملوث هجڻ تي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13536 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ خلف جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي خلف سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا طرفان دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل الشباب کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

تصويرون

پوسٽرز

لاگاپيل مقامات

سوماليا

قوميت

صوماليه، سوئيڊن

جنس

مرد

وارن جو رنگ

ڪارو

اکين جو رنگ

ناسي

چھري جي رنگت

وچولو

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ

فواد محمد خلف شونگولي، فوواد شونگولي، فواد سونگالي، فواد شانگولي، فواد شونوگولي، فواد خلف، فواد محمد خليف، فواد محمد ڪلاف، فواد محمد خلاف، فواد محمد قلف، فواد محمد خاليف

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

Skip to content