ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. علي قصير ايران ۾ حزب الله جو نمائندو آهي ۽ اهڙي مالياتي ۽ واپاري سرگرمين جو مک سهولتڪار آهي جن جي نتيجي ۾ ايران جي اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور- قدس فورس (آءِ آر جي سي- ڪيو ايف) ۽ حزب الله کي فائدو پهچي ٿو. هو حزب الله جي عهديدار محمد قصير جو ڀائيٽو پڻ آهي، جنهن سان هو گڏجي هو آءِ آر جي سي- ڪيو ايف ۽ حزب الله وچ ۾ مالياتي سرگرمين کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو.
علي قصير حزب الله سان لاڳاپيل فرنٽ ڪمپني تلقي گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر پڻ آهي جيڪو آءِ آر جي سي- ڪيو ايف لاءِ تيل جي فراهمي ۾ مالي مدد فراهم ڪري ٿو. علي قصير آءِ آر جي سي- ڪيو ايف جي رهنمائي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي کيپ جي فراهمي جو ڪم ميري ٽائيم جي ٻيڙين وسيلي ڪري ٿو. علي قصير جي ذميوارين ۾ سامان جي قيمت بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻيڙين جي ڪرائي بابت معاملا حل ڪرڻ شامل آهي. علي قصير وڪري واري قيمتن بابت ڳالهين جي نگراني ڪئي آهي ۽ خرڇ پورا ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سان گڏ آءِ آر جي سي- ڪيو ايف کي فائدو پهچائڻ خاطر ايدريان دريا 1 جي ايراني تيل جي کيپ ۾ سهولت فراهم ڪئي. علي قصير ايران جي خام تيل جي شام کي فراهمي لاءِ ڳالهين ۾ لبنان جي هوڪول ايس اي ايل آف شور ڪمپني جي نمائندگي ڪري ٿو. ان کان علاوه علي قصير سوين ملين ڊالر ماليت جي اسٽيل جي وڪري ۾ تلقي گروپ کي استعمال ڪندي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ٻين سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ منصوبو جوڙيو آهي.
4 سيپٽمبر 2019ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي علي قصير کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ علي قصير جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي علي قصير سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.