ريوارڊز فار جسٽس عبدالولي جنهن کي عمر خالد خراساني طور پڻ ڄاتو وڃي ٿو، بابت معلومات جي فراهمي لاءِ 3 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ولي آمريڪا طرفان دهشتگرد قرار ڏنل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي ويڙهاڪ ڌڙي جماعت الاحرار (جي يو اي) جو اڳواڻ آهي. ولي جي اڳواڻي ۾ جي يو اي پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ ٽي ٽي پي جي سڀ کان وڌيڪ سرگرم نيٽ ورڪن مان هڪ رهيو آهي ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
ولي بابت چيو پيو وڃي ته هو افغانستان جي صوبن ننگرهار ۽ ڪنڙ مان ڪارروايون ڪري رهيو آهي. ولي پاڪستان جي مهمند ايجنسي ۾ پيدا ٿيو هو. هو اڳوڻو صحافي ۽ شاعر آهي ۽ پاڪستان جي شهر ڪراچي جي ڪيترن ئي مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي اٿس.