سعودي حزب الله 1980ع جي ڏهاڪي ۾ قائم ٿي ۽ هڪ دهشتگرد تنظيم طور سعودي عرب ۾ آمريڪي شهرين ۽ ملڪيتن خلاف تشدد کي هٿي ڏئي ٿي، هي تنظيم سعودي عرب جي علائقي دهران ڀرسان خوبر ۾ 1996ع ۾ ٿيل بم حملن جي ذميوار آهي. هن حملي جي نتيجي ۾ 19 آمريڪي فوجي اهلڪار ۽ هڪ سعودي شهري مارجي ويو هو ۽ وڌيڪ سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا جن جو مختلف ملڪن سان تعلق هو.