آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

سراج الدين حقاني

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽسس سراج الدين حقاني بابت معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن کي سراج حقاني ۽ خليفه جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو. سراج الدين آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد حقاني نيٽ ورڪ (ايڇ ڪيو اين) جي سربراهي ڪري ٿو. سندس اڳواڻي ۾ ايڇ ڪيو اين افغانستان ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فورسز، افغان حڪومت ۽ شهري هدفن تي ڪيترن ئي اهم اغوائن ۽ حملن جي منصوبابندي ۽ انهن تي عملدرآمد ڪيو آهي. 2015ع ۾ ايڇ ڪيو اين ۽ طالبان جي وچ ۾ اتحاد کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سراج الدين حقاني کي طالبان جو نائب سربراهه مقرر ڪيو ويو.

سراج الدين حقاني هڪ آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ 14 جنوري 2008ع تي ڪابل افغانستان ۾ سيرينا هوٽل تي حملي جي منصوبابندي جو اعتراف ڪيو جنهن ۾ هڪ آمريڪي شهري ٿور ڊيوڊ هيسلا سميت 6 ماڻهو مارجي ويا هئا. سراج الدين اپريل 2008ع ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي جي قاتلاڻي حملي جي منصوبي جو پڻ اعتراف ڪيو.

11 مارچ 2008ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت سراج الدين حقاني کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ سراج الدين جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي سراج الدين سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ٿيل ايڇ ڪيو اين کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

تصويرون:

لاگاپيل مقامات:

افغانستان, پاڪستان

پيدائش جي تاريخ:

1970ع، 1973ع، 1977ع، 1978ع

پيدائش جو هنڌ:

ڊانڊا ميرامشاهه افغانستان، خوست صوبو افغانستان، نيڪا ضلعو پڪتيڪا افغانستان، سرانا ڳوٺ گردا ساري ضلعو، پڪتيا صوبو افغانستان، پاڪستان

جنس:

مرد

قد:

5 فوٽ 7 انچ (170 سينٽي ميٽرز)

وزن:

150 پائونڊ (68 ڪلو گرام)

جسماني بناوٽ:

وچولو

وارن جو رنگ:

ڪارو

اکين جو رنگ:

ناسي

چھري جي رنگت:

هلڪو

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ:

سراج الدين حقاني جلال الدين خواسا محمد، سراج الدين حقاني، سيراج الدين حقاني، سراج الدين جلال الدين حقاني، سراج حَقاني، سراج حقاني، سَراج حقاني، سراج حقاني، خليفه (باس) صاحب، سراج، سيراج، محمد سراج، سراج دين، سراالدجدين ارڪاني، احمد ضياء

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content