ريوارڊز فار جسٽس 1996ع ۾ سعودي عرب جي شهر دهران ڀرسان خوبر ٽاورز تي ٿيل بم حملي بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 25 جون 1996ع تي سعودي حزب الله جي ميمبرن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ ٽئنڪر ٽرڪ آمريڪي فوجي اهلڪارن جي رهائش لاءِ استعمال ٿيندڙ خوبر ٽاورز جي پارڪنگ لاٽ ۾ ڌماڪي سان اڏائي ڇڏي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، 19 آمريڪي فوجي ۽ سعودي شهري مارجي ويا جڏهن ته مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا.
21 جون 2001ع هڪ آمريڪي گرينڊ جيوري 14 ماڻهن تي حملي سان لاڳاپيل هجڻ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي. جن ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي انهن ۾ المغاسل، عبدالڪريم حسين محمد الناصر، ابراهيم سليم محمد اليعقوب ۽ علي سعيد بن علي الحوري شامل آهن، جن بابت معلومات جي فراهمي لاءِ هر هڪ تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو.