آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

خليل الرحمان حقاني

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس خليل الرحمان حقاني بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن کي خليل حقاني يا خليل احمد حقاني طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. خليل آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد ٿيل حقاني نيٽ ورڪ جي مک اڳواڻ طور ڪم ڪري ٿو.

خليل طالبان طرفان فنڊ گڏ ڪرڻ واري سرگرمين ۾ مصروف آهي ۽ افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ طالبان کي مدد فراهم ڪري ٿو. 2010ع جي شروع ۾ افغانستان جي صوبي لوغر ۾ طالبان سيلز کي فنڊز فراهم ڪيا. 2009ع ۾ خليل ٻين ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ طالبان ۽ ايڇ ڪيو اين طرفان پڪڙيل ماڻهن جي حراست جو ذميوار هو. خليل پنهنجي ڀائيٽي سراج الدين حقاني جيڪو ايڇ ڪيو اين جو مجموعي طور سربراهه ۽ طالبان جو نائب اڳواڻ آهي، جي حڪم تي طالبان طرفان ڪارروايون ڪيون آهن. خليل القاعده (اي ڪيو) طرفان ڪم ڪيو آهي ۽ اي ڪيو جي دهشتگرداڻي ڪارروائين سان لاڳاپيل رهيو آهي. هن 2002ع ۾ افغانستان جي صوبي پڪتيا ۾ القاعده عنصرن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ويڙهاڪن کي مقرر ڪيو.

9 فيبروري 2011ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي خليل حقاني کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ خليل حقاني جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي خليل حقاني سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم ايڇ ڪيو اين کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

تصويرون

لاگاپيل مقامات

افغانستان, پاڪستان

پيدائش جي تاريخ

1966ع، 1958ع کان 1964ع تائين

قوميت

افغانستان

جنس

مرد

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ

خليل حقاني، خليل احمد حقاني، خليل الرحمان حقاني

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Signal app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Telegram app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content