آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

حقاني نيٽ ورڪ (ايڇ ڪيو اين)

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

حقاني نيٽ ورڪ (ايڇ ڪيو اين) افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪندڙ ويڙهاڪ تنظيم آهي جيڪا 1980ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ايڇ ڪيو اين افغانستان ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فورسز، افغان حڪومت ۽ شهري هدفن خلاف ڪيترائي حملا ڪيا آهن ۽ انهن حملن ۽ اغوا جي وارداتن جي منصوبابندي ڪئي آهي. جون 2002ع ۾ ايڇ ڪيو اين خوست افغانستان ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. افغان اختياريون ايڇ ڪيو اين تي مئي 2017ع ۾ ڪابل ۾ ٿيل ٽرڪ بم حملي جو الزام مڙهين ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. ايڇ ڪيو اين کي جنوري 2018ع ۾ ڪابل ۾ ايمبولينس بم حملي جو ذميوار سمجهيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجون حياتيون وڃايون. افغان اختياريون ايڇ ڪيو اين تي جنوري 2018ع تي ڪابل ۾ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل تي حملي جو الزام پڻ مڙهين ٿيون جنهن ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا هئا.

19 سيپٽمبر 2012ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ايڇ ڪيو اين کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 7 سيپٽمبر 2012ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق ايڇ ڪيو اين کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو هو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ايڇ ڪيو اين جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ايڇ ڪيو اين سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ايڇ ڪيو اين کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content