آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) 2007ع ۾ وجود ۾ آئي. ٽي ٽي پي جو مقصد خيبرپختونخوا صوبي (جنهن کي اڳ ۾ وفاق جي ماتحت علائقا يا فاٽا چيو ويندو هو) مان پاڪستاني حڪومت کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين وسيلي شرعي قانون لاڳو ڪرڻ آهي. ٽي ٽي پي نظرياتي رهنمائي القاعدہ کان حاصل ڪري ٿي جڏهن ته القاعدہ جا عنصر افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ محفوظ پناهگاهن لاءِ ڪنهن حد تائين ٽي ٽي پي تي ڀاڙين ٿا. ان جي نتيجي ۾ ٽي ٽي پي کي القاعدہ جي عالمي دهشتگرد نيٽ ورڪ ۽ سندس ميمبرن جي آپريشنل مهارت تائين پهچ حاصل ٿي آهي.

ٽي تي پي پاڪستاني ۽ آمريڪي مفادن خلاف دهشتگردي جا ڪيترائي حملا ڪيا آهن ۽ انهن جي ذميواري قبول ڪئي آهي جن ۾ ڊسمبر 2009ع ۾ خوست افغانستان ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي آپگهاتي حملو جنهن ۾ 7 آمريڪي شهري مارجي ويا، پشاور ۾ آمريڪي قونصل خاني تي آپگهاتي بم حملو، جنهن ۾ 6 پاڪستاني شهري مارجي ويا، شامل آهي. ٽي ٽي پي تي 2007ع ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي. ٽي ٽي پي پهرين مئي 2010ع تي نيويارڪ شهر جي ٽائيمز اسڪوائر تي فيصل شهزاد جي بارودي مواد سان ڌماڪو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش لاءِ هدايتون ۽ سهولتون فراهم ڪيون.

پهرين سيپٽمبر 2010ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ٽي ٽي پي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم ۽ ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ٽي ٽي پي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ٽي ٽي پي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ٽي ٽي پي کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content