اسامه بن لادن 1988ع ۾ افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي فوجي قبضي خلاف وڙهندڙ عربن سان گڏجي القاعدہ (اي ڪيو) قائم ڪئي. القاعدہ اسلامي دنيا مان اولهه جي اثر کي ختم ڪرڻ، مسلمان ملڪن جي ”مرتد“ حڪومتن کي ڪيرائڻ ۽ پان اسلامي خلافت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جتي انهن جي تشريح واري شرعي قانونن وسيلي حڪمراني ڪئي وڃي جيڪا آخرڪار نئين عالمي نظام جي مرڪز ۾ هوندي. 1996ع ۾ آمريڪا خلاف کليل نموني جنگ جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ بنيادي طور تي ساڳيا رهيا آهن. القاعدہ دهشتگردي ٽوڙ ڪوششن جي نتيجي ۾ پنهنجا ڪيترائي وچولي ۽ سينيئر سطح جا ماڻهو وڃايا آهن پر پوءِ ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ، منصوبابندي ڪرڻ، ڀڙڪائڻ ۽ حملن جي سلسلي کي جاري رکيو آهي. القاعدہ جو وچ اوڀر، آفريقا ۽ ايشيا ۾ موجود تنظيمن سان الحاق ٿيل آهي ۽ ان جي موجوده مک طاقت انهن تنظيمن ۾ آهي.
القاعدہ وڏي پيماني تي ٿيل وڏي جاني نقصان وارن ڪيترن ئي حملن جي ذميوار آهي. القاعدہ يمن جي شهر عدن ۾ 1992ع ۾ آمريڪي فوج تي 3 بم حملا ڪيا ۽ 1993ع ۾ صوماليا ۾ آمريڪي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ ۽ آمريڪي فوجين کي مارڻ جي ذميواري قبول ڪئي. القاعدہ 1998ع ۾ نيروبي ۽ دارالسلام ۾ آمريڪي سفارتخانن تي پڻ بم حملا ڪيا جن جي نتيجي ۾ 288 ماڻهو مارجي ويا ۽ 5000 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. آڪٽوبر 2000ع ۾ عدن جي بندرگاهه تي ميزائل بردارآمريڪي سامونڊي جهاز يو ايس ايس ڪول تي ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ٻيڙي وسيلي آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي نيوي جا 17 اهلڪار مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. 11 سيپٽمبر 2001ع تي 19 القاعدہ ميمبرن 4 آمريڪي جهازن کي اغوا ڪري تباهه ڪري ڇڏيو، انهن مان 2 جهاز نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر، هڪ پينٽاگان ۽ آخري پيننسلوانيا جي علائقي شينڪزويل ۾ ڪيرائي تباهه ڪيو ويو. 11 سيپٽمبر جي حملن ۾ 3 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا.
8 آڪٽُوبر 1999ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت القاعدہ کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. 23 سيپٽمبر 2001ع تي القاعدہ کي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. المرابطون گروپ جو مک نالو برقرار رهيو. ان نامزدگي جي ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ القاعدہ جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي القاعدہ سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. القاعدہ کي ڄاڻي واڻي مواد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.