آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

الشباب جو مالياتي نيٽ ورڪ

آفريڪا - سب صحارا

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن سان دهشتگرد تنظيم الشباب جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. الشباب جون مالياتي ڪارروايون ۽ سهولتڪاري وارا نيٽ ورڪس سندس ڪارروايون جاري رکڻ ۽ دهشتگرداڻي حملن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا جن جي نتيجي ۾ صوماليا ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ هزارين بيگناهه شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.

الشباب دهشتگردي جي روايتي فنڊن وارن طريقيڪارن ۾ ملوث آهي جن ۾ رشوت، ڀتي خوري، حوالا وسيلي رقم جي منتقلي، ڀنگ لاءِ اغوا، مني لانڊرنگ ۽ ذاتي ڪوريئرز شامل آهن، جڏهن ته ان فنڊنگ جا پنهنجا ذريعا ٺاهي ورتا آهن ۽ وڌندي وڌندي ٻاهرين اسپانسرشپ کان آزاد ٿي وئي آهي. سندس فنڊنگ جي نون وسيلن ۾ بزرگن، واپارين ۽ آبادگارن کان ڀتي خوري، استعمال ٿيل آٽوموبائل جي واپار کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ، موبائل فون وسيلي رقم جي منتقلي ۽ مالوندن جي چوپائي مال جي چوري شامل آهي. علائقائي توسيع ذريعي، الشباب غير قانوني سرگرمين ۾ پڻ ملوث آهي جيئن کاڻين جي غير قانوني کوٽائي ۽ ڪوئلي، هيروئن (جيڪا اهي ڏوهاري گروپن کي ٻيهر وڪرو ڪندا آهن)، هاٿين جي ڏندن، چوپائي مال ۽ کنڊ جو واپار/اسمگلنگ. الشباب انفرادي ماڻهن، واپارين، سامونڊي ڦورن وغيره تي پڻ ٽيڪس لاڳو ڪري ٿي ۽ ٽول فيس ۽ ٽيڪسز ۽ زرعي پيداوار ۽ زمين تي ٽيڪس پڻ وصول ڪري ٿي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت اهڙي معلومات جي فراهمي تي انعام جي آڇ ڪري ٿي جنهن سان خلل يا رنڊڪ پوي:

-الشباب جي ريونيو جي مک ذريعن جي (مثال طور ڀتي خوري ۽ ٽيڪس جو نظام، منع ڪيل شين جي اسمگلنگ، ۽ هٿيارن ۽ منشيات جو ڪاروبار)

-الشباب ذريعي مقامي قدرتي وسيلن جو استحصال (مثال طور وڻن جي واڍي، کاڻين جي کوٽائي، ۽ اسمگلنگ)

-الشباب کي عطيو ڏيندڙن ۽ مالياتي سهولتڪارن طرفان مالي سهڪار

-مالياتي ادارن طرفان اهم ڏيتي ليتي ۽ الشباب طرفان فنڊن جي منتقلي لاءِ مالياتي سروس فراهم ڪندڙن جي استعمال ۽ عالمي مالياتي نظام تائين پهچ

-الشباب يا سندس سرمائيدارن جي ملڪيت يا ڪنٽرول وارا ڪاروبار يا سيڙپڪاري

-الشباب سان لاڳاپيل فرنٽ ڪمپنين طرفان بين الاقوامي سرگرمي، جيڪي ان طرفان مالياتي ڏيتي ليتي ۾ مصروف آهن (مثال طور استعمال ٿيل ڪارن جو ڪاروبار)

-ڏوهن واريون اسڪيمون جن ۾ الشباب جا ميمبر ۽ حامي ملوث هجن، جن جي نتيجي ۾ تنظيم کي مالي فائدو پهچندو هجي (مثال طور ڀنگ لاءِ اغوا جون ڪارروايون ۽ مالوندن جي چوپائي مال جي چوري)

-الشباب جون غير قانوني مالي اسڪيمون (مثال طور مني لانڊرنگ)، ۽ الشباب طرفان پنهنجن دهشتگردن ۽ ساٿاري مليشيائن ۽ ڀائيوارن کي فنڊن ۽ مواد جي منتقلي

18 مارچ 2008ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت الشباب کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کانپوءِ 19 مارچ 2008ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق الشباب کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طورآمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ الشباب جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي الشباب سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. الشباب کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

پوسٽرز:

لاگاپيل مقامات:

سوماليا, ڪينيا

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content