اسلامڪ ريووليوشن گارڊ ڪور – قدس فورس (آءِ آر جي سي- ڪيو ايف) يا سپاهه پاسداران انقلاب اسلامي – قدس فورس آءِ آر جي سي جي هڪ شاخ آهي، جيڪو پرڏيهه ۾ دهشتگرد گروپن جي پالنا ۽ حمايت جو مک اوزار آهي. ايران آءِ آر جي سي- ڪيو ايف کي پرڏيهي پاليسي جا مقصد حاصل ڪرڻ، انٽيليجنس آپريشنز کي ڪور فراهم ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. 2011ع ۾ آءِ آر جي سي- ڪيو ايف واشنگٽن ڊي سي ۾ سعودي سفير کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. 2012ع ۾ آءِ آر جي سي- ڪيو ايف جي ماڻهن کي ترڪي ۽ ڪينيا ۾ حملن جي منصوبابندي ڪندي گرفتار ڪيو ويو. جنوري 2018ع تي جرمني آءِ آر جي سي- ڪيو ايف جي 10 ماڻهن کي وائکو ڪيو جيڪي جرمني ۾ دهشتگردي جي منصوبي ۾ ملوث هئا.
15 اپريل 2019ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت آءِ آرجي سي کي آءِ آر جي سي- قدس فورس سميت ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. 2017ع ۾ آمريڪا جي ناڻي واري کاتي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق آءِ آر جي سي کي آءِ آر جي سي– قدس فورس جي حمايت ۾ سرگرميون ڪرڻ تي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ آءِ آر جي سي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي آءِ آر جي سي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. آءِ آر جي سي کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.