ريوارڊز فار جسٽس 1993ع ۾ وچ اوڀر جي امن ڳالهين خلاف ٿيندڙ تشدد جو حصو هجڻ سبب احلام احمد التميمي جنهن کي ”خلطي“ ۽ ”حلاتي“ طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، انعام جي آڇ.
9 آگسٽ 2001ع تي التميمي هڪ بم ۽ حماس جي هڪ آپگهاتي بمبار کي يروشلم جي رش واري علائقي سابرو پيزيريا ۾ پهچائي ڇڏيو جتي آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ 7 ٻار شامل آهن. آمريڪي شهري جوڊٿ شوشانه گرينبام جيڪا 31 ورهين جي اسڪول ٽيچر ۽ ڳورهاري هئي ۽ 15 سالن جو مالڪا چانا روٿ پڻ مارجي ويلن ۾ شامل آهن. 4 آمريڪين سميت 120 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. حماس آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪئي.
ٽي وي صحافي طور ڪم ڪندڙ اڳوڻي شاگرد التميمي ايف بي آءِ مطابق حماس جي ويڙهاڪ ڌڙي عزالدين القسام برگيڊ طرفان حملا ڪرڻ جي وچن کانپوءِ بمبار کي هدف تائين پهچايو. التميمي جنهن سبارو حملي جي منصوبابندي ۽ انجنيئرنگ ڪئي، مصروف هجڻ سبب ريسٽورينٽ جي چونڊ ڪئي. شڪ کي گهٽائڻ لاءِ هن پاڻ ۽ آپگهاتي بمبار اسرائيلي شهرين جهڙا ڪپڙا پهريا، هن بم کي گٽار جي ڪور ۾ لڪائي اولهندي ڪناري کان يروشلم پهچايو. التميمي ان کان حملي کان اڳ آزمائش طور يروشلم جي عام واهپي جي هڪ دڪان ۾ ننڍڙي ڌماڪيدار ڊيوائس سان ڌماڪو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
2003ع ۾ اسرائيل جي هڪ عدالت التميمي کي آپگهاتي بمبار جي مدد ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏيندي 16 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي. حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا دوران کيس 14 آڪٽوبر 2011ع ۾ آزاد ڪيو ويو. 14 مارچ 2017ع تي آمريڪا جي انصاف واري کاتي التميمي خلاف مجرماڻي شڪايت ۽ سندس گرفتاري جو وارنٽ غير مهر بند ڪري ڇڏيو. ايف بي آءِ التميمي جو نالو سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ پڻ شامل ڪري ڇڏيو.