آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

ابو عبيده يوسف الانابي

آفريڪا - سب صحارا | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 7 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس ابو عبيده جيڪو ابو عبيده يوسف العنابي ۽ يزيد مبارڪ طور پڻ ڄاتو وڃي ٿو، بابت معلومات جي فراهمي تي 7 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. العنابي دهشتگرد تنظيم القاعده ان اسلامڪ مغرب (اي ڪيو آءِ ايم) جو اڳواڻ آهي. اي ڪيو آءِ ايم نومبر 2020ع ۾ العنابي کي گروپ جو نئون اڳواڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. العنابي اي ڪيو آءِ ايم طرفان القاعده (اي ڪيو) اڳواڻ ايمن الظواهري سان بيعت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ امڪان آهي ته هو القاعده جي عالمي انتظام ۾ ڪردار ادا ڪندو.

العنابي جيڪو الجزيره جو شهري آهي، اي ڪيو آءِ ايم جي چونڊ ماڻهن جي ڪائونسل جو سربراهه هو ۽ اي ڪيو آءِ ايم جي شوريٰ ڪائونسل ۾ ڪم ڪيائين. العنابي اي ڪيو آءِ ايم جي ميڊيا جو اڳوڻو سربراهه هو.

9 سيپٽمبر 2015ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت العنابي کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ العنابي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي العنابي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم اي ڪيو آءِ ايم کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي. العنابي جو نالو 29 فيبروري 2016ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراء 1267 (يو اين ايس سي آر 1267) تحت پابندين واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو عالمي سطح تي اثاثا منجمند ڪرڻ، سفر تي بندش ۽ هٿيارن تي پابندي جو نشانو بڻيو.

تصويرون

پوسٽرز

لاگاپيل مقامات

الجزائر, مالي

پيدائش جي تاريخ

پهرين جنوري 1969ع، 7 فيبروري 1969ع

پيدائش جو هنڌ

عنابا الجزائر

شهريت

الجزائر

جنس

مرد

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ

يوسف ابو عبيده العنابي، ابو عبيده يوسف العنابي، ابو عبيده يوسف العنابي، مبارڪ يزيد، يوسيف ابو عبيده، مِبارڪ يزيد، يوسف ابو عبيده يزيد، يزيد مبارڪ، يزيد مَبارڪ، يوسوف ابو عبيده، يزيد مبارڪ، ابو عبيده، يوسف ابو يوسيف

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Signal app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Telegram app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content