آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

ابو عبيده (ديري)

آفريڪا - سب صحارا

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس احمد ديري جنهن کي احمد عمر ۽ ابو عبيده طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، بابت معلومت ڏيڻ تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ابو عبيده الشباب جي سربراهه طور ڪم ڪري رهيو آهي، هن اهو عهدو الشباب جي اڳوڻي اڳواڻ احمد عبدي جودان جي موت کانپوءِ حاصل ڪيو آهي.

جوداني جي هنڌ تي اڳواڻ ٿيڻ کان اڳ ابو عبيده الشباب ۾ ڪيترن ئي عهدن تي رهيو جن ۾ جودان جو نائب، 2008ع ۾ صوماليا جي علائقي لوئر جوبا جو گورنر ۽ 2009ع ۾ صوماليا جي ئي علائقن بي ۽ باڪول ۾ الشباب جو گورنر جو عهدو شامل آهي. 2013 ع کان هي جودان جو سينيئر صلاحڪار هو ۽ الشباب جي ”گهرو کاتي“ ۾ ڪم ڪيائين جنهن دوران هن گروپ جي اندروني سرگرمين جي نگراني ڪئي. هو صوماليا ۾ الشباب جي دهشتگرد حملن لاءِ جودان جي ويزن کي القاعده جي عظيم عالمي خواهشن جي عنصر طور شيئر ڪري ٿو.

21 اپريل 2015ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ابو عبيده کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ابو عبيده جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ابو عبيده سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم الشباب کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

تصويرون

پوسٽرز

لاگاپيل مقامات

سوماليا

پيدائش جي تاريخ

1972

پيدائش جو هنڌ

صوماليه

جنس

مرد

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ

احمد ديري، احمد عمر ابو عبيده، مهد ديري، احمد عمر ابو عبيده، شيخ احمد عمر ابو عبيده، شيخ احمد عمر ابو عبيده، شيخ احمد عمر ابو عبيداه، شيخ احمد عمر ابو عبيداها، شيِخ احمد عمار، شيخ مهد عمر، عبدالڪريم، احمد عمر، ابو ديري

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Signal app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Telegram app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content