آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

ابراهيم طاهر

آفريڪا - سب صحارا | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر | يورپ ۽ يوريشيا

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. ابراهيم طاهر گني ۾ ڪم ڪندڙ حزب الله جو فنانسر آهي. طاهر جي گني ۾ حزب الله جي سڀ کان اهم مالياتي مددگار طور سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. اهو سمجهيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ موجود حزب الله سان لاڳاپيل ماڻهن کي ملازمت فراهم ڪري رهيو آهي.

طاهر ۽ سندس هڪ ساٿي پنهنجي ڪنهن هڪ ڪاروباري مرڪز تي گڏ ڪيل آمريڪي ڊالرز ڪونڪري هوائي اڏي تي اماڻيا ۽ گني جي ڪسٽمز اختيارين کي رشوت ڏئي پنهنجي ڪرنسي سامان ۾ موڪلڻ جي اجازت ورتي. طاهر ڪوٽ ڊيوا ۾ لبنان جي اعزازي قونصل واري حيثيت کي گني اندر توڙي ٻاهر سفر دوران جهڙتي يا تلاشي کان بچڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي.

تازو ئي 2020ع ڌاري گني ۾ رهندڙ لبناني واپارين جن ۾ طاهر ۽ حزب الله جو فنانسر علي سعدي شامل آهن، هڪ خاص اڏام وسيلي وڏي رقم کڻي گني کان لبنان روانا ٿيا. واپارين جي گروپ دعويٰ ڪئي ته رقم لبنان ۾ ڪووڊ-19 سبب امداد هئي ته جيئن جاچ کان بچي سگهجي. ان کان اڳ ڪووڊ-19 جي رليف کي گني کان لبنان ۾ حزب الله کي فنڊن جي منتقلي کي لڪائڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي.

4 مارچ 2022ع تي آمريڪي ناڻي واري وزارت طاهر کي حزب الله لاءِ مادي مدد فراهم ڪرڻ، اسپانسر ڪرڻ، مالي مدد جي فراهمي، مٽيريل يا ٽيڪنالاجي جي سپورٽ فراهم ڪرڻ يا حزب الله کي سامان يا خدمتن جي فراهمي سبب ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي سبب ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ طاهر جي سموري ملڪيت، ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي طاهر سان ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ طاهر جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي طاهر سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

پوسٽرز:

لاگاپيل مقامات:

Guinea

پيدائش جي تاريخ:

10 نومبر 1963ع، 11 آڪٽوبر 1963ع

پيدائش جو هنڌ:

جوايا، لبنان

قوميت:

لبنان، برطانيا

قومي شناختي ڪارڊ نمبر۽ ملڪ:

16311109613998 (گني)، مدو ختم ٿيندو 27 آڪٽوبر 2031ع تي، 790205295 (برطانيا)، مدو ختم ٿيو 22 آگسٽ 2018ع تي، 137828

جنس:

مرد

عرف/ متبادل نالي جي اسپيلنگ:

ابراهيم امين فضل الله طاهر، ابراهيم فضل الله طاهر، فضل الله براهيم طاهر

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content