ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد گروپ اسلام اسٽيٽ آف عراق اينڊ سيريا (آءِ ايس آءِ ايس) جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. آءِ ايس آءِ ايس پنهنجي ڪارروائين کي جاري رکڻ ۽ شام ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ حملا ڪرڻ لاءِ مالي مدد ۽ سهولت تي دارومدار رکي ٿي.
آءِ ايس آءِ ايس نيٽ ورڪس شام جي بي گهر ٿيل ماڻهن جي ڪئمپن ۾ آءِ ايس آءِ ايس جي ڪوششن کي هٿي فراهم ڪرڻ لاءِ انڊونيشيا ۽ ترڪي مان فنڊز گڏ ڪري مالي مدد فراهم ڪئي آهي جن مان ڪجهه رقم ڪئمپن مان ٻارن جي اسمگلنگ ۽ آءِ ايس آءِ ايس جي پرڏيهي ويڙهاڪن کي منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن کي امڪاني طور ڀرتي ڪري سگهجي.
40 کان وڌيڪ ملڪن ۾ موجود آءِ ايس آءِ ايس جي همدردن آءِ ايس آءِ ايس سان لاڳاپيل انفرادي ماڻهن ڏانهن انهن ڪئمپن ۾ پئسا اماڻيا آهن ته جيئن مستقبل ۾ آءِ ايس آءِ ايس جي اڀرڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. اتر اوڀر شام ۾ موجود 70 هزار ماڻهن سان گڏ بي گهر ماڻهن جي سڀ کان وڏي ڪئمپ الحول ۾ آءِ ايس آءِ ايس جي حامين هر مهيني غير رسمي مالياتي نظام هنڊي وسيلي 20 هزار آمريڪي ڊالر وصول ڪيا آهن. اهي اڪثر مالياتي منتقليون شام کان ٻاهر عمل ۾ آيون آهن يا پاڙيسري ملڪن وسيلي ٿيون آهن جيئن ترڪي وغيره.
تيل جون غير قانوني سرگرميون ۽ شام ۽ عراق مان ڦريل آثار قديمه جي شين جي اسمگلنگ آمدني جو اهم ذريعو آهن جنهن سان هارڊ ڪرنسي پيدا ٿئي ٿي ۽ آءِ ايس آءِ ايس پنهنجي وحشياڻي حربن ۽ معصوم شهرين تي ڏاڍ جي قابل بڻجي وڃي ٿي. آءِ ايس آءِ ايس طرفان شام ۽ عراق ۾ ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ سان قديمي زندگي ۽ سماج جون ناياب شاهديون يا علامتون تباهه ٿي ويون آهن.
قديم ۽ تاريخي سڪا، زيور، تراشيل قيمتي پٿر، مجسما، قيمتي تختيون ۽ قديمي لکت واريون تختيون انهن ثقافتي شين ۾ شامل آهن جن جي اسمگلنگ آءِ ايس آءِ ايس ڪئي آهي. آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي مدد سان عجائب گهرن جي بين الاقوامي ڪائونسل اهڙين ثقافتي شين جون ايمرجنسي ريڊ لسٽون تيار ڪيون آهن جيڪي خطري هيٺ آهن ۽ شام ۽ عراق مان ڦرلٽ ڪري اسمگل ڪيل ثقافتي شين جي ڪيٽيگرين کي ظاهر ڪن ٿيون.