آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

آءِ ايس آءِ ايس جو اغوا وارو نيٽ ورڪ (مذهبي اڳواڻ)

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس آءِ ايس آءِ ايس جي اغوا وارن نيٽ ورڪن بابت معلومات يا اهڙي معلومات جي فراهمي تي جنهن سان مهر محفوظ، مائيڪل ڪايل، گريگوريز ابراهيم، بولوس يازيگي ۽ پائولو ڊال اوگليو جي موجودگي واري هنڌ، بازيابي ۽ واپسي ممڪن ٿي سگهي، 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو.

9 فيبروري 2013ع تي يوناني آرٿوڊڪس پادري مهر محفوظ ۽ آرمينيائي ڪيٿولڪ پادري مائيڪل ڪيال هڪ عام بس تي ڪافرون ۾ پنهنجي مذهبي رهائشگاهه ڏانهن وڃي رهيا هئا. شام جي شهر اليپو کان لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽر پري آءِ ايس آءِ ايس/ داعش جي شڪي انتهاپسندن گاڏي کي روڪيو، مسافرن جا دستاويز چيڪ ڪيا، جنهن کانپوءِ محفوظ ۽ ڪيال کي بس تان لاٿو ويو، جنهن کانپوءِ اهي نظر نه آيا آهن ۽ نه ئي انهن بابت ڪجهه ٻڌو ويو آهي.

22 اپريل 2013ع تي شام جو آرٿوڊڪس آرچ بشپ گريگوريز ابراهيم يوناني آرٿوڊڪس آرچ بشپ بولوس يازيگي کي کڻڻ لاءِ اليپو کان ترڪي جو سفر ڪيو. اهي جڏهن شام ۾ المنصوره ڀرسان هڪ چيڪ پوائنٽ تي پهتا ته اوچتو ڪيترن ئي هٿياربندن آرچ بشپن تي حملو ڪري سندن گاڏي تي قبضو ڪري ورتو. مذهبي اڳواڻن جو ڊرائيور بعد ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيو. اهو سمجهيو پيو وڃي ته آرچ بشپن کي القاعده سان لاڳايپل النصره فرنٽ سان تعلق رکندڙ ماڻهن اغوا ڪيو پر پوءِ آرچ بشپن کي آءِ ايس آءِ ايس کي منتقل ڪيو ويو.

29 جولاءِ 2013ع تي آءِ ايس آءِ ايس اٽلي جي جيسوٽ پادري پائولو ڊال اوگليو کي رقه شام ۾ اغوا ڪري ورتو. فادر ڊال اوگليو آءِ ايس آءِ ايس سان ملڻ جي رٿابندي ڪئي هئي ته جيئن هو محفوظ، ڪيال، ابراهيم ۽ يازيگي کي آزاد ڪرڻ لاءِ چئي سگهي. هو ان کانپوءِ ڏسڻ يا ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي.

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843

Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+

مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو:

Skip to content