آمريڪي حڪومت جي ھڪ سرڪاري ويب سائيٽ

اسان جي باري ۾

پروگرام جو جائزو

پروگرام جو جائزو

RFJ، يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جو نيشنل سيڪيورٽي ريوارڊ پروگرام 1984 جي قانون Combat International Terrorism(بين الاقوامي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ) عوامي قانون 98-533 (22 U.S.C § 2708 تي ڪوڊ ٿيل) تحت قائم ڪيو ويو. ان جو انتظام اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي بيورو آف ڊپلوميٽڪ سيڪيورٽي پاران ڪيو ويندو آهي، RFJ جو مشن انعامي آفر جي ذريعي معلومات حاصل ڪري آمريڪين ماڻھن جي زندگي ۽ آمريڪي مفادن جي حفاظت ڪرڻ آھي ۽ آمريڪي قومي سلامتي کي اڳتي وڌائڻ آھي.

1984 کان وٺي ڪانگريس RFJ جي قانوني اختيارين ۾ اضافو ڪيو آھي ته جيئن انعامن جي آفر ڪئي وڃي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن وسيع حصن ۾:

  • دھشتگردي. اھڙي معلومات جيڪا
    • اھڙن ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ يا سزا ڏيڻ ۾ مدد ڏئي جيڪي آمريڪا جي ماڻھن يا ان جي ملڪيت خلاف دھشتگرد ڪارواين جي ڪوشش ڪن، منصوبہ ٺاھن، ان تي عمل ڪن ۽ مدد ڏين آمريڪا ۾ يا آمريڪا کان ٻاھر.
    • اھڙن منصوبن جي عمل ٿيڻ کان پھرين ان کي روڪي،
    • اھم دھشتگرد اڳواڻ جي سڃاڻپ ۽ ان جي مقام تائين وٺي وڃي.
    • غيرملڪي دھشتگرد تنظيمن جي مالي ميڪانيزم کي روڪي. ھن ۾ پڻ اغوا ڪارن جو نيٽ ورڪ ۽ اغوا ڪرڻ جي واقعن جي روڪ ڪرڻ بہ شامل آھي جنھن سان اھڙين تنظيمن کي مالي مدد حاصل ٿيندي آھي.
  • نقصانڪار سائبر سرگرميون. اھڙي معلومات جيڪا
    • ڪنھن بہ اھڙي شخص جي سڃاڻپ يا ان جـي مقام تائين پھچائي جيڪي غيرملڪي حڪومت جي ھدايتن جي تحت Computer Fraud and Abuse Act (“CFAA”), 18 U.S.C. § 1030(ڪمپيٽر فراڊ ۽ ان جي غلط استعمال جي قانون) جي خلاف ورزي ۾ مدد ڪري يا اڪسائي. ھن ۾ غيرملڪي اليڪشن ۾ مداخلت شامل آھي.
  • شمالي ڪوريا. اھڙي معلومات جيڪا:
    • اھڙن ماڻهن يا ادارن جي مالي ميکانيزم کي خراب ڪري جيڪي اھڙين سرگرمين ۾ مصروف آهن جيڪي شمالي ڪوريا جي راڄ جي حمايت ڪن ٿا؛ يا
    • اھڙن ماڻھن جي سڃاڻپ ڪري يا انھن جي مقام جي باري ۾ ٻڌائي جيڪي شمالي ڪوريا جي ھدايتن يا ان جي ماتحت ھوندي (Computer Fraud and Abuse Act CFAA ) 18 U.S.U § 1030. ( ڪمپيٽر فراڊ ۽ ان جي غلط استعمال جي قانون) جي خلاف ورزي ۾ مدد ڪري يا اڪسائي. ھن ۾ سائبر حملن سميت آمريڪي حڪومتي سسٽم ۾ مداخلت ڪرڻ شامل آھن.

انعامي آفرز جي تشھيرڪرڻ

ھڪ دفعو سيڪريٽري آف اسٽيٽ پاران انعامي آفر جي منظوري ٿيڻ کان پوءِ RFJ ان جي تشھير ڪندي آھي ۽ ان کي مختلف ٽقافتن جي سامعين تائين پھچائڻ لاءِ مخلتف ٽولز جو استعمال ڪندي آھي، جنھن ۾ سوشل ميڊيا، سوشل چيٽ ايپليڪيشن ۽ روايتي ميڊيا شامل آھي.

پروسيس لاءِ ڪجھ آسان طريقيڪار

RFJ پاران اھا ھدايت ڪئي ٿي وڃي تہ پنھنجي معلومات براہ راست ٽيڪسٽ جي ذريعي RFJ جي ٻولي جي مخصوص ٽپس لائن تي موڪلن، جيڪي وسيع طور تي دستياب آھن ۽ انڪرپٽ ٿيل پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن بشمول سگنل، ٽيليگرام ۽ واٽس ايپ جي ذريعي. ماڻهو پڻ پنهنجي معلومات اي ميل ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي ذريعي بہ جمع ڪرائي سگهن ٿا. RFJ پاران ٽپ جي معلومات ٻين USG ايجنسين تائين پھلائي ويندي آھي.

انعامي رقم جي ادائيگي

جيڪڏهن اطلاع ڏيندڙ پاران مهيا ڪيل معلومات جو نتيجو مثبت نڪرندو آهي ته ان ڪيس تي ڪم ڪندڙ آمريڪي تحقيقاتي ادارو اطلاع ڏيندڙ کي انعام جي ادائيگي لاءِ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. انعام جي ادائيگي جي نامزدگي لاءِ ھڪ انٽرا ايجنسي ڪميٽي پاران جائزو وٺڻ کانپوءِ ان جي آخري منظوري لاءِ ان کي سيڪريٽري ڏانھن موڪليو ويندو آھي تہ رقم جي ادائيگي ڪرڻي آھي يا نہ.

1984 ۾ ريوارڊز فار جسٽس پروگرام جي شروعات کان وٺي اڄ تائين آمريڪي حڪومت 125 کان وڌيڪ ماڻهن کي 250 ملين ڊالر کان وڌيڪ رقم ادا ڪري چڪي آهي. جن ماڻھن قابل عمل معلومات مهيا ڪئي دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ، دهشتگرد حملن يا انھن جي ماليات ۾ خلل وجھڻ، ياشمالي ڪوريا جي حڪومت جي حمايت ڪرڻ لاءِ غير قانوني سرگرمين ۾ مصروف ماڻهن جي مالي ميکانيزم کي ٽوڙڻ ۾.

SUBMIT A TIP

Do Your Part. Secure a Safer World.

There are many ways to submit information to Rewards for Justice.

You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.

هڪ ٽپ جمع ڪريو

پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ.

ٽپ جمع ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.

Skip to content