روارڊز فار جسٽس (انصاف قائم ڪرڻ لاءِ انعامي پروگرام) تي اسان جي ڪميونٽي جو حصو بڻجڻ لاءِ توهان جي مهرباني. اسان توهان جي ذاتي معلومات ۽ رازداري جي حق جي حفاظت جا پاپند آهيون.
هن رازداري نوٽيس ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو ته اسان توهان جي معلومات کي ڪيئن استعمال ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن توهان:
هن رازداري نوٽيس ۾ جيڪڏهن اسان حوالو ڏيون ٿا:
هن رازداري نوٽيس جو مقصد توهان کي واضح انداز ۾ بيان ڪرڻ آهي ته اسان ڪهڙي معلومات گڏ ڪريون ٿا، اسان ان کي ڪيئن استعمال ڪريون ٿا، ۽ ان جي حوالي سان توهان جا ڪهڙا حق آهن. جيڪڏهن هن رازداري نوٽيس ۾ ڪي به اھڙا شرط آهن جن سان توهان اتفاق نه ٿا ڪريو، ان صورت ۾ مهرباني ڪري فوري طور تي اسان جي سروسز جو استعمال بند ڪريو.
مھرباني ڪري ھن رازداري جي نوٽيس کي ڌيان سا پڙھو، جيئن تہ اهو توهان کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته اسان جيڪي معلومات گڏ ڪريون ٿا ان سان اسان ڇا ڪندا آهيون.
مختصر طورتي: ڪجھ معلومات –جيئن توھان جو انٽرنيٽ پروٽوڪول (IP) ايڊريس ۽/يا برائوزر ۽ ڊوائيس
ڪريڪٽرسٽڪس- ھي خودڪار طريقي سان گڏ ڪيو ويندو آهي جڏهن توهان اسان جي ويب سائيٽ وزٽ ڪندا آھيو.
جڏهن توهان ويب سائيٽ وزٽ ڪندا آھيو استعمال ڪندا آھيو يا نيويگيٽ ڪندا آھيوتہ اسان وٽ خودڪار طور تي اھا معلومات گڏ ٿيندي آھي. ھن معلومات ۾ توھان جي مخصوص شناخت کي ظاھر نہ ڪيو ويندو آھي (جيئن توھان جو نالو يا رابطي جي معلومات)، مگر ان ۾ توھان جي ڊوائس ۽ ان جي استعمال جي معلومات شامل ٿي سگھي ٿي، مثال جي طور تي توھان جي IP ايڊرس، برائوزر ۽ ڊوائس جا ڪريڪٽرسٽڪس، آپريٽنگ سسٽم، ٻولي جو انتخاب، URLs جو حوالو، ڊوائس جو نالو، ملڪ، جڳھ ۽ اسان جي ويب سائيٽ ۽ ٻي ٽيڪنيڪل معلومات کي ڪيئن ۽ ڪڏهن استعمال ڪرڻ بابت معلومات. هي معلومات بنيادي طور تي اسان جي ويب سائيٽ جي سيڪيورٽي ۽ آپريشن کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ اسان جي اندروني تجزياتي ۽ رپورٽنگ جي مقصدن لاء گهربل ھوندي آهي.
ٻين ڪاروبارن وانگر اسان به ڪوڪيز ۽ ھن طرح جي ٽيڪنالاجيز ذريعي معلومات گڏ ڪندا آهيون.
اسان پاران گڏ ڪئي ويندڙ معلومات ۾ شامل آھن:
اسان پنهنجي ويب سائيٽ ذريعي گڏ ڪيل توھان جي ذاتي معلومات کي پنھنجي مختلف بزنس مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهيون جيڪي هيٺ بيان ڪيا ويا آهن.
اسان توهان جي ڊيٽا کي هيٺين مقصدن لاء استعمال ڪري سگهون ٿا:
مختصر طورتي: اسان معلومات گڏ ڪرڻ يا ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڪوڪيز ۽ ساڳي طرح جي ٽريڪنگ ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪري سگهون ٿا (جهڙوڪ ويب بيڪنز ۽ پکسلز).
ڪوڪيز ۽ ساڳي طرح جي ٽيڪنالاجيز اسان جي مدد ڪري سگھن ٿيون خودڪار طريقي سان توهان کي سڃاڻڻ ۾ جڏهن توهان اسان جي ويب سائيٽ يا ايپ تي واپس ايندا آھيو. ڪوڪيز اسان کي ويب سائيٽ ٽريفڪ جي نمونن جو جائزو وٺڻ، ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ، ۽ معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته ڪهڙيون سروسز مشهور آهن. اسان اهڙي معلومات پڻ استعمال ڪري سگهون ٿا سروسز جي استعمال ڪندڙن تائين ڪسٽمائيز مواد ۽ اشتهار پهچائڻ لاءِ جن جي رويي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن خاص موضوع ۾ دلچسپي رکن ٿا.
گھڻا ويب برائوزر ڊفالٽ طور ڪوڪيز قبول ڪندا آھن. جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا، تہ توھان عام طور تي ڪوڪيز کي ختم ڪرڻ ۽ ڪوڪيز کي رد ڪرڻ لاءِ پنھنجي برائوزر کي سيٽ ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن توهان ڪوڪيز کي هٽائڻ يا ڪوڪيز کي رد ڪرڻ جو انتخاب ڪيو ٿا، ان سان اسان جي ويب سائيٽ جا ڪجهه فيچرز يا سروسز متاثر ٿي سگھن ٿيون.
مختصر طورتي: اسان جو مقصد توھان جي ذاتي معلومات کي تحفظ ڏيڻ آھي اسان جي آرگنازيشن جي سسٽم جي ذريعي ۽ ٽيڪنيڪل سيڪيورٽي جي اپاءُ ذريعي.
اسان مناسب ٽيڪنيڪل ۽ تنظيمي حفاظتي اپاءَ تي عمل ڪيو آهي جيڪي اسان پروسيس ڪريون ٿا ڪنهن به ذاتي معلومات جي سيڪيورٽي جي حفاظت لاءِ. تنهن هوندي بہ توهان جي معلومات کي محفوظ ڪرڻ لا۽ احتياطي اپاءَ جي ڪوششن جي باوجود، انٽرنيٽ تي ڪابه اليڪٽرانڪ ٽرانسميشن يا انفارميشن اسٽوريج ٽيڪنالاجي جي 100 فيصد محفوظ هجڻ جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، تنهنڪري اسان ڪو بہ واعدو يا ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون ته هيڪرز، سائبر ڪرمنلز، يا ٻيون غير مجاز ٽئين پارٽي اسان جي سيڪيورٽي کي شڪست ڏئي نہ ٿا سگھن ۽ غلط طريقي سان معلومات گڏ ڪرڻ، رسائي حاصل ڪرڻ، چوري ڪرڻ، يا توهان جي معلومات کي تبديل ڪرڻ جي. جيتوڻيڪ اسان توهان جي ذاتي معلومات کي محفوظ بنائڻ لاء پنھنجي بهترين ڪوشش ڪنداسين، اسان جي ويب سائيٽ تي ۽ ذاتي معلومات جي منتقلي توهان جي پنهنجي ذميواري آھي. توهان کي صرف هڪ محفوظ طريقي سان ويب سائيٽ تائين رسائي ڪرڻ گهرجي.
گھڻن ويب برائوزر ۽ ڪجھ موبائيل آپريٽنگ سسٽم ۽ موبائيل ايپليڪيشنز ۾ ھڪ Do-Not-Track (“DNT”) فيچر يا سيٽنگ شامل ھوندي آھي جنھن کي توھان فعال ڪري سگھوٿا سگنل ڏيڻ لاءِ پنھنجي پرائيويسي ترجيحات کي سيٽ ڪرڻ لاءِ تہ توھان جي ان لائن برائوزنگ سرگرمين جي نگراني ۽ ڊيٽا کي جمع نہ ڪيو وڃي. هن مرحلي تي DNT سگنلن کي تسليم ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪنھن به يونيفارم ٽيڪنالاجي معيار کي حتمي شڪل نه ڏني وئي آهي. جيئن ته، اسان في الحال DNT برائوزر سگنلن يا ڪنهن ٻئي ميکانيزم جو جواب نه ٿا ڏيون جيڪو خودڪار طريقي سان رابطو ڪري ٿو تہ توهان جي مرضي جي مطابق توھان کي آن لائن ٽريڪ نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن آن لائن ٽريڪنگ لاءِ هڪ معيار اختيار ڪيو وڃي ٿو ته اسان کي مستقبل ۾ ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي، اسان توهان کي هن رازداري نوٽيس جي نظر ثاني ٿيل ورزن ۾ انهي مشق بابت آگاهي ڏينداسين.
اسان جون سروسز آمريڪا کان اسان جي طرفان ڪنٽرول ۽ آپريٽ ڪيون وينديون آهن، اھي آمريڪا جي رهاڪن لاءِ دستياب هونديون آهن ۽ ان جو مقصد اسان کي آمريڪا جي قانون کان سواءِ ڪنهن به رياست، ملڪ، يا علائقي جي قانونن يا دائري اختيار جي تابع ڪرڻ نه آهي. ڪا به معلومات جيڪا توهان ھنن سروسز جي استعمال ذريعي مهيا ڪندا آهيو اھي اسٽور ۽ پروسيس ٿي سگهن ٿيون ۽ انھن کي منقل ڪري سگھجي ٿو ۽ ان جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن مان رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪا شايد ذاتي معلومات جي تحفظ جي ساڳئي سطح جي ضمانت نه ڏئي ٿي ان جي مقابلي ۾ جٿي توھان رھو ٿا. جيڪڏهن توهان نٿا چاهيو ته توهان جي ذاتي معلومات توهان جي ملڪ جي کان ٻاھر منقل ٿئي، تہ مهرباني ڪري ”روارڊز فار جسٽس“ کي اهڙي معلومات مهيا نه ڪريو ۽ اسان جي ويب سائيٽ استعمال نه ڪريو. پنھنجي ذاتي معلومات ”روارڊز فار جسٽس“ کي مھيا ڪري توھان واضع طور تي پنھنجي معلومات جي آمريڪا منتقلي جي رضامندي ڏيو ٿا.
”روارڊز فار جسٽس“ يا ان جي سروس فراهم ڪندڙ شايد توهان جي ذاتي معلومات يورپي اقتصادي علائقي (EEA) کان ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري سگھن ٿا، جن مان ڪجهه اڃا تائين يورپي ڪميشن طرفان طئي نه ڪيا ويا آهن ته اھي EEA معيار مطابق ڊيٽا جي تحفظ جي مناسب معيار پيش ڪن ٿا. انهن ملڪن ڏانهن منتقلي لاءِ جن کي ڊيٽا جي تحفظ جي سطح جي ضرورت ناهي جيڪ EEA معيارن کي پورا ڪري ٿي، ”روارڊز فار جسٽس“ توهان جي ذاتي معلومات جي حفاظت لاءِ مختلف قانوني ميکانيزم استعمال ڪري ٿو، بشمول معاهدي جي شقن ۽ سروس فراهم ڪندڙن کان لکيل يقينن دھاني.
اسان توهان جي ذاتي معلومات کي هن رازداري پاليسي جي مطابق سنڀالينداسين، ان جي قطع نظر ته توهان جي ذاتي معلومات ڪٿي محفوظ ٿيل آھي يا رسائي حاصل ڪئي وئي آهي.
يو ايس جي وفاقي حڪومت کان ٻاهر جي ويب سائيٽن جا لنڪ يا ريوارڊز فار جسٽس ويب سائيٽ جي اندر ڪاروبار، فرم يا ڪارپوريشن جا نالا استعمال ڪندڙن جي سهولت لاءِ آهن. اهڙو استعمال ڪنهن به خانگي شعبي جي ويب سائيٽ، پراڊڪٽ، يا سروس جي يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ يا ريوارڊز فار جسٽس پروگرام طرفان سرڪاري توثيق يا منظوري نہ ٿو رکي.
هن ويب سائيٽ تي معلومات اپلوڊ ڪرڻ ۽/يا معلومات کي تبديل ڪرڻ جي غير مجاز ڪوششون سختي سان منع ٿيل آهن ۽ ڪمپيوٽر فراڊ ۽ غلط استعمال واري ايڪٽ 1986، 18 يو ايس سي جي § 1030، ۽ سيڪشن 1001 جو عنوان 18 تحت قانوني ڪارروائي جي تابع آهن.
توھان ھيٺ ڏنل لنڪ تي يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جي ويب سائيٽ جي رازداري پاليسي ڏسي سگھو ٿا: https://www.state.gov/privacy-policy/
اسان فيڊبيڪ ڏيڻ کي ڀليڪار ڪيون ٿا جيڪڏهن توهان وٽ اسان جي رازداري پاليسي يا توهان جي معلومات جي استعمال بابت ڪي سوال آهن. ڊپارٽمينٽ جي رازداري جي تعميل واري مواد، پرائيويسي امپيڪٽ اسيسمينٽس (PIA) ۽ سسٽم آف رڪارڊس نوٽيسز (SORN) تي موجود آهن.
اسان جي پرائيويسي پاليسي بابت اضافي معلومات لاءِ، مهرباني ڪري اسان سان رابطو ڪريو privacy@state.gov يا اي ميل ڪريو:
Office of Global Information Services
Privacy Office – A/GIS/PRV
State Annex 9
U.S. Department of State
Washington, DC 20006
You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.
Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843
Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843
Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion
توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو: