اسان جي باري ۾
RFJ ھڪ انٽرا اينجنسيز انعامي پروگرام آھي جيڪو 1984 جي عالمي دھشتگردي خلاف مقابلي جي قانون Act to Combat International Terrorism, Public Law 98-533 (codified at 22 U.S.C. § 2708) تحت قائم ڪيو ويو ۽ ان جو انتظام رياست جي بيورو آف ڊپلوميٽڪ سيڪيورٽي طرفان ڪيو ويو.
RFJ جو مقصد اھڙي معلومات جمع ڪرڻ آھي جنھن سان آمريڪا جي قومي سلامتي جي حفاظت ۾ مدد ملي ٿي.
ان جي 1984 جي قانوني اختيارين جي تحت، RFJ جو اصل مقصد اھڙي معلومات لاء انعام پيش ڪرڻ هو جيڪا
2017 ۾ ڪانگريس RFJ جي قانوني اٿارٽي ۾ ترميم ڪئي جنھن ۾ اھڙي معلومات ڏيڻ لاءِ انعام جي آفر شامل ڪئي وئي جيڪا
انعام جي رقم جي آفر 1$ ملين ڊالر کان وٺي 25 ملين ڊالر تائين ٿي سگھي ٿي.
RFJ ان صورت ۾ بہ انعامي رقم ادا ڪري سگھي ٿوجنھن ۾ اڳواٽ انعام جي آڇ ٿيل نہ ھجي.
ھن پروگرام جي شروعات کان وٺي، RFJ پاران ھن وقت تائين 125 کان وڌيڪ ماڻھن کي 250 ملين ڊالر کان وڌيڪ تائين رقم ادا ڪئي وئي آھي جن ماڻھن مفيد معلومات فراھم ڪئي ۽ جنھن سان آمريڪي قومي سلامتي جي حفاظت ڪرڻ ۾ مدد ملي.
ان ڪوششن جي ذريعي ڪيترن ئي بيگناھن جون زندگين کي بچايو ويو آھي.
RFJ ويب سائٽ کان علاوہ، اسان مختلف ٻولين ۾ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز، پوسٽرز، ميچ بڪ، انٽرنيٽ، اخبارن ۽ ريڊيو تي تشھير ۽ ان کان علاوہ ٻيا مناسب طريقاراختيار ڪندا آھيون اانهن ماڻهن سان رابطو ڪرڻ لاءِ جن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل معلومات هجي.
رازداري RFJ پروگرام جو هڪ اهم حصو آهي. اسان انعام جي آڇ جي جواب ۾ پيش ڪيل مخصوص معلومات يا انهن ماڻهن جي نالن کي ظاهر نه ڪندا آهيون جيڪي انعام جي رقم وصول ڪندا آهن ۽ عام طور تي اھا معلومات ظاهر نه ڪندا آهيون ته انعام ادا ڪيو ويو آهي. ڪجهه ھائي پروفائل ڪيسن ۾، اسان انعام جي ادائيگي جو اعلان ڪري سگهون ٿا، پر مهيا ڪيل معلومات يا ذريعن جو نالو ظاھر نه ڪندا آھيون جنهن اھا معلومت فراھم ڪئي.
فيبروري 1995 ۾ رمزي يوسف جيڪو 1993 جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي بمبارن مان هڪ ھو، پاڪستان ۾ موجود هو ۽ ان کي گرفتار ڪيو ويو ھو RFJ جي انعامي آفر جي جواب ۾ ، هڪ ذريعي طرفان مهيا ڪيل معلومات جي نتيجي ۾.
RFJ پاران فلپائن ۾ پڻ مخلتف انعامن جي ادائيگي ڪئي وئي آھي ماڻھن کي چار الڳ الڳ انعام جي عوامي تقريبات ۾. 7 جون 2007 تي هڪ عوامي انعام واري تقريب ۾ RFJ ڪل 10 ملين ڊالر ادا ڪيا. جڏهن کان پروگرام شروع ٿيو آھي تڏھن کان هي انعام جي ادائيگي فلپائن ۾ سڀ کان وڏي RFJ جي ادائيگي آهي.
RFJ ھڪ شخص کي 3 ملين ڊالر جي انعامي رقم ادا ڪئي جنھن دھشتگرد اڳواڻ احمد ابو ختالا جي باري ۾ معلومات فراھم ڪئي ، ۽ ان معلومات جي مدد سان ان کي گرفتار ڪري ان کي سزا ڏني وئي، جيڪو 2012 ۾ آمريڪي عارضي مشن جي سهولتن تي حملي ۾ شامل ھجڻ سا گڏ ان جو ماسٽر مائينڊ هو بن غازي ليبيا ۾ ، جنهن ۾ هڪ آمريڪي سفير سميت چار آمريڪي مارجي ويا.
جيئن ذڪر ڪيو ويو آهي، RFJ پاران ڪڏهن ڪڏهن ھائي پروفائل انعامن جي ادائيگي بابت محدود اعلانات ڪيا وينا آهن.
درجه بندي رپورٽ پڻ فراهم ڪئي ويندي آھي.
ڪو بہ شخص انعام حاصل ڪرڻ لاءِ اھل ٿي سگھي ٿو جيڪو اھڙي معلومات فراھم ڪري:
سرڪاري عملدارعام طور تي ھن انعام لاءِ نااهل هوندا آهن جيستائين اهي پنهنجي سرڪاري فرضن جي ڪارڪردگيءَ کان ٻاهر معلومات فراهم نه ڪن.
رازداري کي قائم رکڻ RFJ پروگرام جو ھڪ بنياد حصو آهي. RFJ پاران معلومات فراھم ڪندڙ ذريعن ۽ جيڪي انعام رقم جي وصول ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ کي سختي سان راز ۾ رکيو ويندو آھي. ان کان علاوہ ڪيس جي نوعيت جي بنيات تي ذريعن جي يا ان جي خاندان جي منتقلي بہ ٿي سگھي.
RFJ انعام جي ادائيگي جو ھڪ ڌيان طلب طريقيڪا آھي:
انعامي رقم جي ادائيگي مختلف عنصرن جي بنياد تي ڪئي ويندي آھي، بشمول مگر اھو ھن تائين محدود ناھي، جيئن تہ، فراھم ڪيل معلومات جي قدر و قيمت، حاصل ڪيل معلومات جي ذريعي ختم ڪيل خطري جي سطح، خطري جي شدت يا خطري جي نتيجي ۾ آمريڪي ماڻھن يا ملڪيتن کي ايندڙ نقصان, معلومات ڏيندڙ ذريعي ۽ ان جي خاندان جي ماڻھن کي پھچندڙ خطرو ۽ ذريعي پاران ڪيل تعاون جي حد.
شاهدي ڏيڻ جي بدلي ۾ ڪابه انعامي رقم جي ادائيگي نه ڪئي ويندي آهي. ذريعي کي ملندڙ رقم جي ادائيگي تشھير ڪيل ڊالر ۾ ٽوٽل انعامي رقم تائين ڪيتري بہ ٿي سگھي ٿي.
ها، ريوارڊز فار جسٽس پاران گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي فھرست مان مختلف شڪي ماڻهن کي هٽائي ويوآهي، جن ۾ القائده اڳواڻ اسامه بن لادن ۽ آئي ايس آئي ايس اڳواڻ ابوبڪر البغدادي شامل آهن.اعلان ڪيو وڃي ته هاڻي ڪو خطرو موجود نه هجي.
RFJ جي فهرست مان ڪيترن ئي سببن جي ڪري شڪي ماڻهن کي ڪڍيو وڃي ٿو، بشمول جڏهن انهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يا سيڪيورٽي فورسز طرفان حراست ۾ ورتو وڃي، انهن جي مرڻ جي تصديق ڪئي وڃي، يا ٻي صورت ۾ سرڪاري ذريعن طرفان اعلان ڪيو وڃي ته هاڻي ڪو خطرو موجود نه هجي.
اسان سختي سان حوصلہ شڪني ڪندا آھيون بائونٽي ھنٽرز ۽ ٻين غير سرڪاري ماڻھن جي دھشتگردن ۽ ٻين گھربل ماڻھن کي پڪڙن لاءِ ڳولا ڪرڻ کان، ان جي بدران، RFJ ان معلومات لاء انعام فراهم ڪري ٿي جيڪا مناسب حڪومتي اختيارين کي اهڙن ماڻهن کي ڳولڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي قابل بڻائي.
معلومات رکندڙ فرد کي ٽيڪسٽ ميسيج ڪرڻ گھرجي واٽس ايپ، ٽيليگرام يا سگنل جي ذريعي 7843-702 (202) 1+ تي.
ماڻھو معلومات جمع ڪرڻ لاءِ پنھنجي قريبي آمريڪي سفارخاني جي ريجنل سيڪيورٽي آفيس يا ويجھي FBI آفس سان رابطو ڪري سگھن ٿا.
جيستائين ڪاپي رائٽ جي نشاندھي نہ ٿيل ھجي، ھن ويب سائٽ تي موجود معلومات عوامي ڊومين ۾ آھي جنھن کي نقل ڪرڻ، ٻيھر اشاعت ڪرڻ ۽ ٻي صورت ۾ RFJ جي اجازت جي بغير استعمال ڪري سگھجي ٿو. اسان گذارش ڪريون ٿا ته RFJ جو حوالو ڏنو وڃي معلومات جي ماخذ جي طور تي ۽ ڪنهن به تصويري ڪريڊٽ يا بائيلائن کي، ساڳيءَ طرح سان فوٽو گرافر يا ليکڪ يا RFJ کي ، جيئن مناسب هجي.
جيڪڏهن ڪاپي رائيٽ ڪنھن تصوير، گرافڪ، يا ڪنهن ٻئي مواد تي ظاهر ڪئي وئي آهي، ان صورت ۾ ان مواد کي نقل ڪرڻ جي اجازت اصل ماخذ کان وٺڻ ضروري آھي. ان کان علاوہ توھان کي فوجداري قانون , 18 U.S.C 713 جي باري ۾ خبر ھجڻ گھرجي، ان حصي ۾ بيان ڪيل خاص حالتن ۾ آمريڪا جي سرڪاري مهر جو استعمال ڪرڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ اسان شفارش ڪيون ٿا تہ ڪنھن بہ حوالي سان سرڪاري مھر استعمال ڪرڻ کان پھرين قانوني صلاح حاصل ڪيو.
ريوارڊز فار جسٽس جو انتظام آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي سفارتي سيڪيورٽي سروس (ڊي ايس ايس) وٽ آهي. ڊي ايس ايس پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ: https://www.state.gov/rewards-for-justice/ تي ريوارڊز فار جسٽس جو هڪ سيڪشن شامل ڪيو آهي. اهو صفحو سڌي ريت ان ويب سائيٽ سان ڳنڍيل آهي- ريوارڊز فار جسٽس جي سرڪاري ويب سائيٽ- جتي ماڻهو پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا.
You may choose from multiple platforms and contact us in numerous languages. To process your information efficiently, we ask you to state your information as succinctly as possible, provide your name, location, and preferred language, and upload all relevant files such as photographs, videos, and documents to support your information. An RFJ representative will soon contact you. Please be patient, as RFJ reads every tip we receive.
Please open your Line app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843
Please open your Viber app to submit a tip. The number is +1 202 702 7843
Please visit our Tor-based tips-reporting channel at: he5dybnt7sr6cm32xt77pazmtm65flqy6irivtflruqfc5ep7eiodiad.onion
توھان اسان سان رابطي لاءِ مختلف ٻولين ۽ پليٽ فارمز جو انتخاب ڪري سگھو ٿا . توهان جي معلومات کي موثر طريقي سان پروسيس ڪرڻ لاءِ اسان گزارش ڪريون ٿا تہ توهان پنھجي معلومات کي ممڪل طور تي واضح طور تي بيان ڪريو، توهان جو نالو، مقام، ۽ ترجيح ٻولي ۽ توهان جي معلومات جي سپورٽ لاءِ سڀئي لاڳاپيل فائلون جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز اپ لوڊ ڪريو. RFJ جو نمائندو جلد ئي توهان سان رابطو ڪندو. مھرباني ڪري انتطار ڪريو، جيئن تہ RFJ کي مليل ھر ٽپ جي مڪمل طور جانچ ڪئي ويندي آھي.
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي سگنل ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي Line ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي ٽيليگرام ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
ٽپ جمع ڪرڻ لاءِ مھرباني ڪري پنھنجي وائبر ايپ کوليو. نمبر ھي آھي 7843 702 202 1+
مھرباني ڪري اسان Tor-based tips-reporting جي چينل تي وزٽ ڪيو: