گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ذولقرنين

5 ملين ڊالر تائين

ذولقرنين، جنهن جو اصلي نالو آرث سومارسونو آهي، ساٿي فوجين کان دائود چورائجي ٿو. گڏيل قومن ۽ انڊونيشيا جي آفيسرن بيان ڏنو ته ٿائيلينڊ ۾ اڳوڻي مشتبه ردئان اسامالدين، جيڪو همبلي پڻ چورائي ٿو، کان پوءِ ذولقرنين جماع اسلاميه (جي آئي) جي عملن جو اڳواڻ بڻيو. ذولقرنين انهن جي ذريعي بيان ڪيو ويو آهي جيڪي ان کي ڪجه لفظن جو هڪ ننڍو ماڻهو سمجهن ٿا.

ذولقرنين جي ڏکڻ اوڀر ايشيائي دهشتگرد گروپ جماع اسلاميه جي وڏي درجي واري اڳواڻ جي سڃآڻپ ٿي چڪي آهي. اها پڪ آهي ته هو بهترين سوارن جي دستي جو اڳواڻ هو جن خودڪش بمن کي جڪارتا ميئٽ حوٽل تي کڻي وڃڻ ۾ مدد ڏني جنهن 2003 ۾ 12 ماڻهو ماريا ۽ بمن ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي جنهن 2002 ۾ بالي ۾ 202 ماڻهو ماريا.

ذولقرنين ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ القائده جي خاص ماڻهن مان هڪ آهي ۽ انڊونيشيا ۾ انهن ڪجه ماڻهن مان هڪ آهي جن جو القائده دهشتگرد نيٽورڪ سان سڌي طرح رابطو آهي. ذولقرنين هڪ انڊونيشيائي يونيورسٽي مان بائيولاجي ۾ ڊگري حاصل ڪئي، ۽ 1980 ۾ تخريب ڪاري ۾ هڪ ماهر بنجڻ لاءِ افغانستان وڃڻ لاءِ پهرين انڊونيشيائي مجاهدن مان هڪ هو. هاڻي ذولقرنين مجادن جي هڪ دستي جي اڳواڻي ڪري ٿو جنهن کي لسڪر خوص، يا ‘خاص قوت،‘ سڏيو وڃي ٿو جن جي ميمبرن جي ڀرتي انهن 300 انڊونيشيائين مان ڪئي وئي جن افغانستان ۽ فلپائن ۾ تربيت حاصل ڪئي.

ذولقرنين عبدالله سنگڪر جو منظورِنظر هو، جيڪو جي آئي ۽ اسلامي رهڻ ڪرڻ واري اسڪول المڪمن جو بنياد رکندڙ هو جتي ذولقرنين ۽ ٻين سينيئر جهادين پڙهيو. 1980 جي وچ ۾، سنگڪر مجاهدين سپه سالار عبدالرئوف سياف جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪيمپ کي تربيت ڏيڻ لاءِ انڊونيشيائين جو هڪ ننڍو گروپ افغانستان موڪليو. 1999 ۾ سنگڪر جي موت کان پهرين، ڪانفرنسون منظم ڪرڻ ۽ وڏي بنياد جي ايجنڊا جي انتظام ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ذولقرنين اڪثر پنهنجي استاد واري جهلڪ ۾ نظر ايندو هو.

اها پڪ آهي ته ذولقرنين 1990 ۾ ملاڪو ٻيٽن ۾ لڙائي جي انتظام ۾ مدد ڪئي، ۽ جن مختلف وقتن ۾ افغانستان ۾ تربيت ڏني انهن جهادين کي طاقتنن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اهل ڪندي انهن جي وچ ۾ هڪ ملاقات جو انتظام ڪيائين