گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

زرين سري

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

زرين سري انقلابي پيپلز لبريشن پارٽي / فرنٽ (ترڪي ۾: ديورمسي هاڪ ڪورتولوس پارتيسي سيفيسي، يا ڊي ايڇ ڪي پي / سي) جي خاص اڳواڻ آهي. ڊي ايڇ ڪي پي / سي 1990 کان، آمريڪي مفادات، جن ۾ آمريڪي فوج، آمريڪي سياسي ڪارڪن ۽ آمريڪي سهولتن کي پنهنجو نشانو بڻائيندي ٿي اچي. ڊي ايڇ ڪي پي / سي 1994 ۾ ٺَهي، جڏهن هي پنهنجي اڳوڻي تنظيم، ديورمسي سول يا ديو سول، کان ٽٽي ڪري جدا ٿي. هن جو هدف نيٽو ۽ آمريڪا کي ترڪي مان نيست و نابود ڪرڻ آهي، ۽ هڪ سوشلسٽ رياست قائم ڪرڻ آهي. فيبروري 2013 تي، هڪ خودڪش بمبار جيڪو هن گروپ سان لاڳاپيل هو، انقاره ۾ آمريڪي سفارت خاني تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ترڪي جو سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو. آمريڪي رياستي اداري ڊي ايڇ ڪي پي / سي کي 1997 ۾ فارين ٽيررسٽ آرگنائزيشن طور نامزد ڪيو، ۽ 24 جولاءِ 2013 تي ان جو تجزيو ڪندي ان کي انهيءَ رتبي تي برقرار رکيو.

زرين سري هڪ وڪيل آهي جيڪا 1990 ۾ ديوسول جي دفاع ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ 1993 ۾ ترڪي ڏانهن فرار ٿي وئي هئي. هن ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي باني درسون ڪاراتاس سان شادي ڪئي ۽ ٻنهي گڏجي يورپ ۾ ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي سرگرمين کي سنڀاليو. بيلجيم ۾ 1999 ۾ سري خلاف مقدمو هلايو ويو؛ هن ڪجھ وقت جيل ۾ گذاريو، ۽ 2008 ۾ هو آزاد ٿي وئي، جنهن سال ڪارتاس ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. هوءَ ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي خفيه اڳواڻ طور سڃاتي وڃي ٿي، ۽ 20 سيپٽمبر 2013 تي، انقاره ۾ ترڪي پوليس هيڊڪوارٽر ۽ پوليس جي رهائشي علائقن تي مبينه طور حملن جو حڪن ڏنو هو. سري کي مارچ 2013 ۾ انقاره ۾، ترڪي جي جسٽس منسٽري ۽ جسٽس اينڊ ڊيويلپمينٽ پارٽي (اي ڪي پي) جي هيڊڪوارٽر تي ٿيل حملن جو، موسيٰ اساگلو سان گڏ، پڻ ذميوار ٺهرايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

موسيٰ اساگلو، زرين سري، ۽ سحر دمير سين انقلابي پيپلز لبريشن پارٽي/فرنٽ (ترڪي ۾: ديورمسي هاڪ ڪورتولوس پارتيسي سيفاسي، يا ڊي ايڇ ڪي پي/سي) جا مخيه اڳواڻ آهن.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

زرين سري جا وڌيڪ فوٽو.
زرين سري جا وڌيڪ فوٽو.