گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ـ ياسين السوري

10 ملين ڊالر تائين

عزدين عبدالعزيز خليل، جنهن کي عام طور ياسين السوري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ايران ۾ مقيم القائده جو سينيئر مددگار آهي. ريوارڊز فار جسٽس (انصاف لاءِ انعام) جي طرفان 10 ملين ڊالر جي اعلان کانپوءِ ياسين السوري ڊسمبر 2011 تي ايراني اقتدار کان گرفتار ڪيو ويو، پر هي ايران ۾ القائده جي نيٽورڪ جي اڳواڻي کي ٻيهر شروع ڪري چڪو آهي.

ايران ۾ القائده جو مُک مددگار هئڻ جي ڪري، ياسين السوري سمنڊپار القائده جي ڪاوشن جو ذميدار رهيو آهي جنهن ۾ تجربيڪار آپريٽرن کي پاڪستان کان شام ڏانهن منتقل ڪرڻ، رستن کي منظم ڪرڻ ۽ انهن کي بحال رکڻ ته جئين نوان ڀرتي شام کان ترڪي طرف سفر ڪري سگهن، ۽ اوله ڏانهن القائده جي بيروني آپريٽرن جي موومينٽ ۾ تعاون ڪرڻ شامل آهي.

ـ عزّالدّين عبدالعزيز خليل، جيڪو عام طور تي ياسين السوري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ايران ۾ واقع القائده جو سينئير مددگار آهي. السّوري پيسي جي منتقلي ۽ رنگروٽن (نين ميمبرن) کي پوري وچ اوڀر مان ايران ۾ ڀرتي ڪري پوءِ پاڪستان ۾ القائده جي سينئير اڳواڻن جي مدد خاطر موڪلي ٿو. ايران جي اختيارن السوري سان لاڳاپن کي قائم ڪندا ٿا اچن ۽ هن کي 2005 کان وٺي ايران جي حدود ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت مليل آهي.

السوري گلف مان رنگروٽن کي ايران رستي پاڪستان ۽ افغانستان موڪلڻ ۾ سهڪار ڪري ٿو. هي القائده لاءِ هڪ خاص فنڊ جمع ڪندڙ ماڻهون آهي، هن پوري گلف مان ڪيترن ئي فنڊريزر۽ ڊونرز کان ڪافي رقم جمع ڪري چڪو آهي. السوري فنڊز کي ايران رستي اڳتي عراق ۽ افغانستان ۾ قائم القائده جي اڳواڻن ڏانهن منتقل ڪري ٿو.

ايراني حڪومت سان گڏ ڪم ڪندي، السوري ايرني جيلن مان القائده جي ماڻهن کي ڇڏائڻ جو بندوبست ڪري ٿو. القائده جا ماڻهون جڏهن آزاد ٿي وڃن ٿا ته ايراني حڪومت انهن کي السوري ڏانهن منتقل ڪري ٿي، جتان کان هو پوءِ پنهنجو رستو پاڪستان طرف هموار ڪن ٿا.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

ـ ياسين السوري