گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

يحيٰ حقاني

5 ملين ڊالر تائين

يحيٰ حقاني حقاني نيٽورڪ جو سينيئر ميمبر آهي، هو گروپ جي فوجي، مالي، ۽ پروپيگنڊا وارين سرگرمين جو حصو رهيو آهي. هو وڏن ليڊرن سراج الدين حقاني (يحيٰ جو سالو)، خليل حقاني ۽ بدرالدين حقاني (مرحوم) جي غير موجودگي ۾ تنظيم جي اڳواڻي جو ڪم سرانجام ڏي ٿو. يحيٰ حقاني نيٽورڪ جي لاجسٽڪس جون ذميداريون سنڀالي ٿو ۽ حقاني ڪمانڊرن جن ۾ زيردست هاڻوڪو مرحوم حقاني نيٽورڪ جو ڪمانڊر سنگين زدران ۽ حقاني نيٽورڪ جي خودڪش ڪاروائين جي سربراه، عبدالرئوف ذاڪر کي فنڊ مهيا ڪرڻ ۾ تعاون ڪري ٿو. يحيٰ سراج الدين حقاني جي لاءِ عرب مترجم ۽ قاصد طور به ڪم ڪري چڪو آهي.

يحيٰ حقاني نيٽورڪ جي حملن ۾ تعاون ۽ ٻين سرگرمين ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. 2013 جي شروعات ۾، هن حقاني نيٽورج جي ويڙهاڪن کي فنڊ مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پڻ 2013 جي شروعات ۾، يحيٰ حقاني نيٽورڪ جي سينيئر اڳواڻ خليل حقاني جي لاءِ گڏيل عرب امارتن مان سپلائز کي منتقل ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو. 2012 ۾، يحيٰ امپروائزڊ ايڪسپلوزيو ڊيوائس (IEDs) ۽ مواصلاتي آلن کي ورهائڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ هن پڻ 7 آگسٽ 2012 تي افغانستان جي لوگر صوبي ۾ ڪواليشن فارورڊ آپريٽنگ بيس تي حقاني نيٽورڪ جي حملي تي تيارين جو جائزو ورتو، جنهن حملي ۾ يارنهن افغان شهرين سميت، تيرنهن ماڻهون زخمي ٿي پيا. 2011 کان، يحيٰ سراج الدين حقاني کان حقاني نيٽورڪ جي ڪمانڊرن ڏانهن آپريشنن جي لاءِ پيسا پهچائي ٿو.

يحيٰ ڪڏهن ڪڏهن حقاني نيٽورڪ ۽ القائده وچ ۾ رابطي جو ڪم سرانجام ڏي ٿو ۽ گهٽ ۾ گھٽ وچ 2009 کان القائده سان لاڳاپن کي برقرار رکندو آيو آهي. هن ڪردار ۾، يحيٰ خطي ۾ القائده جي ميمبرن کي ذاتي خرچ لاءِ پيسا مهيا ڪري چڪو آهي. 2009 جي وچ کان، هي حقاني نيٽورڪ جي لاءِ پرڏيهي ويڙهاڪن، عرب، ازبڪ، چيچن سميت، بنيادي رابطي جو ڪم سرانجام ڏنو آهي.

يحيٰ حقاني نيٽورڪ ۽ طالبان جي ميڊيا ۽ پروپيگنڊا ڪاروائين کي منتظم ۽ منعقد ڪيو آهي. 2012 جي شروعات کان، يحيٰ اڪثر ڪري سراج الدين حقاني سان ملاقات ڪندو رهيو ته جئين هن کي طالبان پروپيگنڊا واريو وڊيوز جيڪي يحيٰ ٺاهيون انهن جي حتمي اجازت ملي وڃي. يحيٰ حقاني نيٽورڪ جي ميڊيا سرگرمين ۾ گهٽ ۾ گھٽ 2009 کان ڪم ڪري چڪو آهي جڏهن هو ميڊيا اسٽوڊيو کان ٻاهر حقاني نيٽورڪ مدرسي ۾ افغانستان ۾ ويڙهاڪن جي وڊيو کي ايڊٽ ڪندو هو. 2011 جي آخر ۾، يحيٰ کي سراج الدين حقاني کان يا سراج الدين حقاني جي ڪنهن عيوضي کان حقاني نيٽورڪ جي ميڊيا خرچ جي لاءِ پيسا وصول ٿيا.

آمريڪي خارجي محڪمي يحيٰ حقاني کي 5 فيبروري 2014 تي ايگزيڪٽو آرڊر 13224 تحت خاص نامزد ٿيل عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪري ٿو.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

يحيٰ حقاني جا وڌيڪ فوٽو.
يحيٰ حقاني جا وڌيڪ فوٽو.