دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي بمباري

نيو يارڪ شهر | 26 فيبروري، 1993

26 فيبروري 1993 تي نيويارڪ سٽي جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٽاور ون هيٺيان هڪ ٽرڪ ۾ نصبـ بم ڦاٽو. 1,500 پائونڊ وزني بم جو مقصد هڪ ٽاور کي ٻي ٽاور سان ٽڪرائي ٻنهي ٽاورن کي ڪيرائڻ مقصود هو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهون مري وڃن هان . پر هي ڌماڪو ڪنهن به ٽاور کي نقصان نه پهچائي سگھيو، البته هن ۾ ڇھ ماڻهون مارجي ويا، هزار کان مٿي زخمي ٿيا، ۽ ڪروڙين ڊالن جو نقصان ٿيو.

حملو القائده سان مربوط هڪ گروپ ڪيو هو جنهن ۾ عبدالرحمان ياسين، رمزي يوسف، ۽ ڪيترائي ٻيا شامل هئا. هن حملي جي مالي مدد خالد شيخ مهيا ڪئي جيڪو رمزي يوسف جو چاچو آهي ۽ القائده جو وڏي رتبي وارو ميمبر آهي. هن حملي ۾ ملوث ماسٽر مائنڊ رمزي يوسف سميت ڇھ ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ٿيو.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 5 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.