دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

اها معلومات جيڪا اسلامي عراقي ۽ ليوانٽ رياست (آئي ايس آئي ايل) جي فائدي جي لاءِ تيل ۽ قيمتي نوادرات جي منتقلي روڪٿام ۾ قابلِ قدر رهنمائي ڪندي

 

انصاف جو انعامي منصوبو اسلامي عراقي ۽ ليوانٽ رياست (آئي ايس آئي ايل) جنهن کي عربي انداز ۾ دائش به ڪوٺبو آهي تنهن جي بلواسطه فائدي لاءِ تيل ۽ قيمتي نوادرات جي تجارت/وڪري متعلق قابل قدر رڪاوٽ ۾ اڳڀرائي ڪندڙ معلومات تي 5 ملين يو ايس ڊالرن جي پيشڪش ڪري رهيو آهي.

دهشتگردي ٽولا جهڙوڪه آئي ايس آئي ايل حملن ۽ آپريشنن جي بقا لاءِ ماليت ۽ معاون نيٽ ورڪن تي ڀروسو رکن ٿا. آئي ايس آئي ايل جا شام ۽ عراق ۾ غير قانوني تيل جا آپريشن ۽ ڦريل تاريخي سامان سندن آمدني جا بنيادي وسيلا آهن جيڪي ان دهشتگرد جماعت کي لکين ڊالرن جي مادي ناڻو پئدا ڪري ڏئين ٿا ۽ آئي ايس آئي ايل کي ظالم حڪمت عملين ۽ معصوم شهرين تي تشدد جي قابل بنائين ٿا. آئي ايس آئي ايل جي ثقافتي ۽ تاريخي جاين بربادي ۽ ڦرلٽ قديم زندگي ۽ سماج جي اڻمت شواهدن وارين جڳهن کي تباه ڪري ڇڏيو آهي. قديمي ۽ تاريخي سڪا، زيورات ۽ تراشيل هيرا، قيمتي تختيون، مورتيون، ٿانءُ ۽ قديمي لکتي سرون شامي ۽ عراقي تاريخي شين منجهان آهن جن جي آئي ايس آئي ايل کي تلاش آهي. يو ايس جي مملڪتي دپارٽمنٽ جي سهڪار سان بين اللاقوامي مجلس پاران تيار ڪيل تاريخي شين جي خطري جي هنگامي سرخ فهرست، شام ۽ عراق مان ڦريل ۽ لٽيل شين جي هڪ جامع فهرست ميسر ڪري ٿي جيڪي جوڙيل آهن http://icom.museum/resources/red-lists-database/red-list/syria/ ۽ http://icom.museum/resources/red-lists-database/red-list/iraq-2015/

آئي ايس آئي ايل جي معاشي روڪٿام جي غرض سان يو-ايس جو رياستي ادارو اميد ٿو ڪري ته اهو انعام تيل ۽ نوادرات جي پئداوار، سهولت ڪاري، رسائي، غير قانوني منتقلي، ونڊ ورڇ، وڪرو ۽ تجارت ڪندڙ فرد يا ادارا جيڪي آئي ايس آئي ايل فائدو ڏين ٿا تن تي معلومات فراهم ڪري ٿو، ساڳي ريت غير قانوني منتقلي جي نيٽ ورڪن، طريقن ۽ انهن سرگرمين ۾ موجود رستن بابت به معلومات فراهم ڪري ٿو.

http://eca.state.gov/video/conflict-antiquities-panel-1-video

http://eca.state.gov/video/conflict-antiquities-panel-2-video

نوادرات

جا فوٽو نوادرات
جا فوٽو نوادرات
جا فوٽو نوادرات
جا فوٽو نوادرات
جا فوٽو نوادرات
جا فوٽو نوادرات