دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

جوئل ويسلي شرم جو قتل

تعز، يمن. | ۱۸ مارچ ۲۰۱۲ع

۱۸ مارچ ۲۰۱۲ع تي، شرم، عمر ۲۹ سال، کي تعز، يمن ۾ ڪم تي ويندي رستي ۾، موٽر سائيڪل تي پويان ويٺل ھڪڙي ھٿياربند سندس گاڏيءَ جي ڀرسان گذرندي، کيس گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو.

مرڻ وقت، شرم انٽرنيشنل ٽريننگ اينڊ ڊيولپمنٽ سينٽر ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ انگريزي استاد طور ڪم ڪندو ھو. ھو يمن ۾ پنھنجي زال ۽ ٻن ننڍن ٻارن سان گڏ رھندو ھو.

حملي کان ڪجھ ڏينھن پوءِ، جزيره نما عرب (AQAP)۾ دھشت گرد تنظيم القاعده ھن قتل جي ذميواري قبول ڪئي.

آمريڪي پرڏيھي کاتي جو ريوارڊز فار جسٽس پروگرام (انصاف لاءِ انعام پروگرام) آمريڪي شھري جوئل شرم جي قتل ڪندڙ، رٿابندي ڪندڙ، يا قتل ۾ مدد ڪندڙ ماڻھن کي گرفتار ڪرائڻ يا سزا ڏيارڻ بابت ڄاڻ ڏيڻ تي پيش ڪري رھيو آھي ۵ ملين آمريڪي ڊالر جو انعام.

جا وڌيڪ فوٽ

Joel Shrum English Poster