دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي حملا

11 سيپٽمبر، 2001

11 سيپٽمبر 2001 جي صبح جو، القائده دهشتگرد تنظيم سان لاڳاپيل 19 دهشتگردن چئن ڪاروباري جهازن کي هائجيڪ ڪيو. هي سڀئي جهاز ڪاليفورنيا طرف گامزن هيا ۽ آمريڪا جي اوڀرين ٽن مختلف ائيرپورٽن کان روانا ٿيا.

پهريان ٻه جهاز بوسٽن جي لوگن انٽرنيشنل ائيرپورٽ تان روانا ٿيا، هائجيڪ ٿيا، ۽ نيويارڪ سٽي ۾ واقع ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي مين منارن ۾ لڳي تباه ٿيا. هنن جهازن جي زوردار ٽڪر جي اثر۽ جهاز جي ٻرندڙ جيٽ فيول عمارت جي ڍهانچي کي بالڪل ڪِرڻ جي حد تائين آڻي ڇڏيو.

ٽيون جهاز دُليس انٽرنيشنل ائيرپورٽ تان روانو ٿيو، هائجيڪ ٿيو، ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻئي جهاز جي ٽڪر کان صرف اڌ ڪلاڪ پوءِ هي جهاز پينٽاگون ۾ ڪِري تباه ٿيو. هن حملي عمارت جي هڪ حصي کي شديد نقصان پهچايو، سڀئي مسافر مارجي ويا ۽ ان کا علاوه عمارت ۾ موجود ٻيا 125 ڄڻا به مارجي ويا.

چوٿون جهاز نيویارڪ انٽرنيشنل ائيرپورٽ تان ممڪناً وائٽ هائوس يا يو ايس ڪاپيٽول طرف روانو ٿيو. جهاز ۾ سوار مسافر جهاز جي ڪنٽرول لاءِ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. ۽ انهن ئي بهادر شهرين جي ڪري دهشتگرد جهاز کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدف ۾ ناڪام رهيا ۽ جهازشيڪسوِل، پينسلوانيا ۾ ڪري تباه ٿي ويو، جنهن ۾ جهاز تي سوار 40 ماڻهون مري ويا.

11 سيپٽمبر2001 واري واقعي ۾ پوري دنيا جا 2998 شهري مارجي ويا. دهشتگرد تنظيم القائده هنن حملن جي پلاننگ ڪرڻ ۽ عمل در آمد ڪرڻ جي ذميداري قبول ڪئي، اانهن جي هاڻوڪي متوفي ليڊر اسامه بن لادن هڪ ويڊيو پيغام ذريعي انهن حملن جي ذميداري کڻڻ جو اعتراف ڪيو هو. هي حملو آمريڪا تي ٻاهرين قوتن جي طرفان پرل هاربر 1941 کانپوءِ سڀ کان وڏو خطرناڪ حملو سمجهيو وڃي ٿو.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 25 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هنن حملن لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي