گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

سحر دمير سين

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

منور ڪوز، منوّر ڪوز، البا، مائين، سميرسن، هاتيس، سيرپ 157.7 سحر دمير سين انقلابي پيپلز لبريشن پارٽي / فرنٽ (ترڪي ۾: ديورمسي هاڪ ڪورتولوس پارٽيسي سيفيسي، يا ڊي ايڇ ڪي پي / سي) جي خاص اڳواڻ آهي. ڊي ايڇ ڪي پي / سي 1994 ۾ ٺَهي، جڏهن هي پنهنجي اڳوڻي تنظيم، ديورمسي سول يا ديوسول، کان ٽٽي ڪري جدا ٿي. تڏهن کان هي آمريڪي مفادات، جن ۾ آمريڪي فوج، آمريڪي سياسي ڪارڪن ۽ آمريڪي سهولتن کي پنهنجو نشانو بڻائيندي ٿي اچي. هن جو هدف نيٽو ۽ آمريڪا کي ترڪي مان نيست و نابود ڪرڻ آهي، ۽ هڪ سوشلسٽ رياست قائم ڪرڻ آهي. فيبروري 2013 تي، هڪ خودڪش بمبار جيڪو هن گروپ سان لاڳاپيل هو، انقاره ۾ آمريڪي سفارت خاني تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ترڪي جو سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو. آمريڪي رياستي اداري ڊي ايڇ ڪي پي / سي کي 1997 ۾ فارين ٽيررسٽ آرگنائزيشن طور نامزد ڪيو، ۽ 24 جولاءِ 2013 تي ان جو تجزيو ڪندي ان کي انهيءَ رتبي تي برقرار رکيو.

.سين 1980 ۾ ديوسول ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 1994 تائين ديوسول جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي. تڏهن هي ڊي ايڇ ڪي پي/سي ۾ شامل ٿي يونان ۾ اڳواڻي ڪرڻ لڳي. خبرن مطابق هي ايٿنز ۾ ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي آفيس جي چيف هئي. ان کان علاوه هي ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ فيصلن ڪرڻ واري يونٽ جي ميمبر پڻ آهي.

موسيٰ اساگلو، زرين سري، ۽ سحر دمير سين انقلابي پيپلز لبريشن پارٽي/فرنٽ (ترڪي ۾: ديورمسي هاڪ ڪورتولوس پارتيسي سيفاسي، يا ڊي ايڇ ڪي پي/سي) جا مخيه اڳواڻ آهن.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

سحر دمير سين