سميع العُريدي حراس الدين جو اهم شريعه اهلڪار آهي. انهي کان اڳ العريدي، اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف دهشتگرد منصوبن ۾ ملوث هو. العريدي، حراس الدين جي مکيه فيصلي ساز اداري شوريٰ جو ميمبر آهي العريدي، 2014 کان 2016 تائين، النصره محاذ جو اهم شريعه اهلڪار هو ۽ 2016 ۾ گروپ کي ڇڏي ويو هو.
حراس الدين القاعده سان منسلڪ گروپ آهي جيڪو 2018 جي شروعات ۾، حيات تحرير الشام جي مخلتف گروپن ۾ ورهائجي وڃڻ بعد، شام ۾ نمودار ٿيو. العريدي سميت حراس الدين جا اڳواڻ، القاعده رهنما ائمن الزواهري جا وفادار رهيا آهن.