گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

سامي جسيم محمد الجبوري

5 ملين ڊالر تائين

سميع جسيم محمد الجبُوري جنهن کي حاجي حميد جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو سو اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق ائنڊ سريا (داعش) جو مکيه اڳواڻ ۽ آئسس جي پيشرو تنظيم عراقي القاعده ( اي ڪيو آئي ) مان آيل ميمبر آهي. محمد الجبوري آئسس جي دهشتگرد ڪارواين لاءِ رقم هٿ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.

آئسس جي نائب طور، هن مبينه طور 2014 ۾ موصل ۾، آئسس جي وزير ماليات جي برابر طور ڪم ڪيو، تيل، گئس، قديم نوادرات ۽ معدنيات جو غير قانوني وڪرو ڪري، گروپ جي مالي وسيلا ٺاهڻ وارين ڪارواين جي نگراني ڪيائين

سيپٽيمبر 2015 ۾، آمريڪا جي ماليات کاتي، آيگزيڪيوٽو حڪم نامي (E.O.) 13224جي پوئواري ڪندي هن کي، خاص طور نامزد ڪيل عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو جنهن تحت دهشتگردن، دهشتگردن جي اعانت ڪندڙن ۽ دهشتگردي جي ڪارواين تي مالي پابنديون عائد ڪيون ويو آهن.

جون 2014 ۾ آئسس جنهن کي داعش جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو تنهن عراق ۽ شام جي ڪجھ حصن تي قبضو ڪري نام نهاد اسلامي خلافت طور اعلان ڪيو ۽ البغدادي کي خليفي طور اعلان ڪيو ويو. ويجهن سالن ۾، آئسس کي جهادي گروپن جي اطاعت ملي آهي ۽ آمريڪا تي حملن لاءِ اتساهڻ خاطر، سموري دنيا مان ماڻهن کي انتها پسند لائين تي تيار ڪيو پيو وڃي.

هي انعام آئسس خلاف اسانجي لڙائي ۾ اهم لمحو آهي. جنگ جي ميدان ۾ آئسس جي شڪست بعد، اسان گروپ جي اڳواڻن کي سڃاڻڻ ۽ کين ڳولڻ لاءِ پرعزم آهيون ته جيئن آئسس کي شڪست ڏيڻ لاءِ وڙهندڙ قومن جو عالمي اتحاد آئسس جي باقيات کي تباھ ڪرڻ جاري رکي ۽ انهن جي عالمگير ارادن کي روڪي.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

سامي جسيم محمد الجبوري