گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ساجد مير (Sajid Mir)

5 ملين ڊالر تائين

ساجد مير، پاڪستاني بنياد پيل بيروني دھشتگرد تنظيم لشڪر طيبه (LeT) جو ھڪ اھم اڳواڻ آھي، جيڪو انڊيا جي شھر ممبئي ۾ نومبر 2008 ۾ ٿيل دھشت گرد حملن ۾ شامل ھجڻ جي ڪري گھربل آھي.روارڊ فار جسٽس پروگرام 5 ملين ڊالر تائين جي انعامي رقم جو اعلان ڪري رھيو آھي اھڙي معلومات ڏيڻ لاءِ جيڪا ساجد ميرجي حملن م ملوٽ ھجڻ ڪري گرفتار ڪرڻ لاءِ يا ڪنھن بھ ملڪ ۾ سزا ڏيڻ لاءِ مددگار ٽابت ٿي.

LeT جي ڏھن تربيت يافتھ حملاآورن طرفان انڊيا جي شھر ممبئ ۾ 26 نومبر 2008 کان شروع ڪيل گڏيل حملا جيڪي 28 نومبر2008 تائين جاري رھيا، جن جا مختلف ھدف ھئا، جن ۾ ٻھ لگزري ھوٽلز (دي تاج محل پيليس ۽ دي اوبرائي )،دي ليوپولڊ ڪيفي، دي نريمن (چاباد) ھائوس ۽ ڇتراپتي شوجي ٽرمينس ٽرين اسٽيشن شامل ھئا. ھن حملن ۾ اندازن 170 ماڻھون مارجي ويا. حملن دوران 6 آمريڪي بھ مارجي ويا: بين زايون ڪرومين، گيوريل ھولڊزبرگ، سنديپ جيسواني، ايلن شرر، نائومي شرر، ۽ آرييھ ليبش تيتلبوم.

ساجد مير ممبئ حملن ۾ LeT جو آپريشنز مينيجر ھو، جيڪو منصوبه بندي، تياري ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو ھو. مير تي يونائيٽڊ اسٽيٽس ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، نارتھ ڊسٽرڪٽ آف ايلينوس، ايسٽرن ڊويزن ( شڪاگو، ايلينوس) طرفان فرد جرم عائد ڪئي وئي 21 اپريل 2011 تي، پرڏيھي حڪومت جي ملڪيت کي نقصان پھجائڻ، دھشت گردن کي مادي مدد مھيا ڪرڻ، آمريڪا کان ٻاھر شھرين کي قتل ڪرڻ، ۽ عوامي جڳھن تي بمباري ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا. فرد جرم جي مطابق، مير طرفان حملن جي دوران حملا آورن کي يرغمالين کي مارڻ، باھ لڳائڻ ۽ گرنيڊز اڇلائڻ جي حڪم ڏنوويو، ۽ھڪ يرغمالي جي بدلي پڪڙيل حملاآور کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. مير جي گرفتاري لاءِ 22 اپريل ،2011 تي وارنٽ جاري ڪيو ويو.2019 ۾، مير کي FBI جي انتھائي گھربل دھشت گردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

30 آگسٽ 2012 تي، ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري طرفان LeT ۾ھڪ اڳواڻ جي منصب رکڻ جي ڪري مير کي ايگزيڪٽو آرڊر 13224 تحت نامزد ڪيوويو. آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري جي مطابق، 2005 تائين، مير غير ملڪي ڀرتي، حملاآورن جي تربيت، مني لانڊرنگ ۽ آپريشنل منصوبه بندي جو حڪم ڏنو. آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽس طرفان ڊسمبر 2001 ۾ LeT کي غيرملڪي دھشت گرد تنظيم طور نامزد ڪيو ويو.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

ساجد مير (Sajid Mir)