گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

سيف ال عدل

10 ملين ڊالر تائين

العدل القائده جو سينيئر اڳواڻ ۽ القائده اڳواڻي ڪائونسل “مجلس الشوريٰ ” جو ميمبر آھي. العدل القائده ملٽري ڪميٽي جو پڻ سربراھ آھي.

وفافي وڏي عدالت سڳوري عبد الله تي نومبر1998 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ سندس 7 آگسٽ 1998 ۾ دارالسلام، تنزانيه ۽ نيروبي، ڪينيا ۾ آمريڪي سفارتخانن تي بمن سان حملو ڪرڻ لاءِ ذميوار ٺھرايو. انھن حملن ۾ 224 شھري مارجي ويا ۽ جڏھن ته 5000 کان مٿي زخمي ٿيا ھيا.

ھو مصري اسپيشل فورس ۾ 1987 تائين جيستائين ٻين ھزارين حڪومت مخالف ويڙھاڪن سان مصري گھرو وزير جي قتل جي ڪوشش ۾ گرفتار ٿيڻ تائين ليفٽيننٽ ڪرنل ھيو

1990 جي شروعاتي دور ۾ العدل ۽ ٻين القائده کي مختلف ملڪن جھڙوڪ افغانستان، پاڪستان ۽ سوڊان ۾ ملٽري ۽ جاسوسي جي سکيا ڏني، القائده ۽ ان سان لاڳاپيل ڌڙن جھڙوڪ مصري اسلامي جھاد کي پڻ دھشتگردي جي سکيا ڏني.

1992 ۽ 1993 ۾، ھن ۽ عبد الله القائده کي ھلائڻ لاءِ ملٽري سکيا ڏني ۽ پڻ صومالي قبائلين کي جيڪي موغاديشو ۾ آمريڪي فورس سان “آپريشن ريسٽور ھوپ” جي دوران وڙھيا.

ھن تي وفاقي وڏي عدالت سڳوري نومبر 1998 ۾ مقدمو ھلايو ويو ۽ سندس جي 7 آگسٽ 1998 ۾ دارالسلام، تنزانيه ۽ نيروبي، ڪينيا ۾ آمريڪي سفارتخانن تي بمن سان حملو ڪرڻ جي مبينا ڪردار جو ذميوار ٺھرايو.

بمن سان حملي کان پوءِ، العدل ڏکڻ اوڀر ايران منتقل ٿي ويو ۽ ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي حفاظت ھيٺ رھيو. اپريل 2003 ۾، ايراني انتظاميا عبد الله ۽ ٻين القائده اڳواڻن کي گھر نظر بند ڪيو.

سيپٽمبر 2015 ۾ العدل ۽ ٻيا القائده جا 4 سينيئر اڳواڻ يمن ۾ ايران جي اغوا ٿيل سفارتڪارن جي بدلي ۾ آزاد ڪيا ويا.

العدل ابو مصيب الزرقوي جو سينيئر نائب ھيو، جيڪو عراق ۾ القائده جو باني ھيو ۽ جيڪا بعد ۾ آءِ ايس آءِ ايل ٿي.

جا وڌيڪ فوٽ

English AAA and SaA PDF