گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

رادلان ساهرون

1 ملين ڊالر تائين

رادلان ساهرون فلپائن ۾ واقع ابو سيف گروپ (اي ايس جي) جو هڪ سينئير اڳواڻ آهي. هي گروپ شروعاتي 1990 ۾ عبدالرجاڪ ابوبڪر جنجلاني جي سرپرستي ۾ هڪ ٻئي وڏي گروپ مورو نيشنل لبريشن فرنٽ کان جدا ٿيو. عبدالرجاڪ جنجلاني ڊسمبر 1998 ۾ فپلائني پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. تڏهن هن جي ننڍي ڀاءُ قذافي جنجلاني گروپ جي ليڊر جي حيثيت سان هن جي جڳھ ورتي. سيپٽمبر 2006 ۾ قذافي جنجلاني فلپائني هٿياربند فوج سان ويڙه دوران مارجي ويو. رادلان ساهرون اي ايس جي جو هڪ نئون ليڊر سمجهو وڃي ٿو.

ساهرون جي ڪاروائين جي ڪري ڪيترا ئي معصوم مرد، عورتون ۽ ٻار اجل جو شڪار بڻجي چڪا آهن، جڏهن تو ڪيترائي شديد زخمي ٿي چڪا آهن. ساهرون مئي 2001 ۾ دوس پاما جو ڪردار ادا ڪندي ٽن آمريڪي شهرن کي اغوا ڪيو. جن ۾ مارٽن ۽ گارشيا برنهام ۽ فلپائن جي پلاوان ٽورسٽ ريزورٽ جا 17 فپلائني به شامل هئا. يرغمالن مان ڪيترن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ هڪ آمريڪي شهري گليرمو سوبيرو به هو.

ساهرون لاءِ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هو ڏکڻ مندانائو ۾ ڪٿي لڪيل آهي، جتان کان هو پنهجي دهشتگري وارين رٿائن کي جاري رکندو ٿو اچي، جنهجي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي جماعتون ان جي زيز اثر آهن. اي ايس جي ۾ هن جي هڪ خاص اڳواڻ جي حيثيت جي ڪري، جنهنجي دهشتگري وارن حملن جي ڪري ڪيترائي آمريڪي ۽ فلپائني شهري مارجي چڪا آهن، آمريڪا حڪام ساهرون کي آمريڪا ۽ فلپائني شهرن خلاف هڪ وڏو خطرو سمجهن ٿا.

ساهرون 1970 ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ويڙھ دوران پنهنجو ساڄو هٿ وڃايو. هو عربي ۽ تائوسگ ٻولين ۾ ماهر آهي