دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

پان ايم طيارو 73 جو اغوا

ڪراچي، پاڪستان |5 سيپٽمبر، 1986

ـ يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ هر هڪ لاءِ 5 ملين ڊالر انعام جي منظوري ڏني آهي جيڪو هنن مان هر هڪ کي ڏوهي ٺهرائڻ يا ان کي گرفتار ڪرائڻ جي معلومات مهيا ڪندو، ودود محمد حافظ الترڪي، جمال سعيد عبدالرحميم، محمد عبدالله خليل حسين الرحايا، ۽ محمد احمد المنور ــ انهن سڀن لاءِ اهو سمجهيو وڃي ٿو تو هي ابو ندال دهشتگرد تنظيم جا ميمبر آهن.

ڪراچي، پاڪستان جي زمين تي ابو ندال تنظيم جي ميمبرن پان ايم فلائٽ 73 کي 5 سيپٽمبر 1986 تي تقريبا صبح 6 وڳي هائيجيڪ ڪيو ويو. هائيجيڪ جي وقت 379 مسافر عملي سميت جهاز ۾ سوار هئا، جن ۾ 78 آمريڪي شهري هئا.جهاز جو عملو جهاز کي غيرمتحرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. هائجيڪرن جهاز کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ عملي کان جهاز کي مسافرن ۽ هائيجيڪرن سميت سائپرس اڏائي کڻي وڃڻ جو مطالبو ڪيو. هائجيڪنگ جي دوران هڪ آمريڪي کي جهاز جي دروازي تي قتل ڪيو ويو. ۽ هائجيڪنگ جي آخر ۾ هائجيڪرن مسافرن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري 20 مسافرن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 100 کا مٿي شديد زخمي ٿي پيا.

پاڪستاني اختيارن چار جوابدارن کي ٿڏي تي گرفتار ڪيو،جڏهن ته پنجين جوابدار کي بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن جهاز تي حملي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پنجن ئي تو مقدمو هليو، ڏوه ثابت ٿيو ۽ پاڪستان ۾ جيل موڪليو ويو.

سيپٽمبر 2001 تي، زيد حسن عبدالطيف سفاريني، جيڪو پنجن مان هڪ سزا يافته دهشتگرد هو، کي پاڪستاني اختيارن آزاد ڪري ڇڏيو. بعد ۾ هي ايف بي آءِ جي هٿان پڪتو ويو ۽ يو ايس فيڊرل ڪورٽ ۾ هن جو مقدمو هليو. 16 ڊسمبر 2003 تي، سفاريني گناه قبول ڪندي يو ايس ڊپارٽمينٽ آف جسٽس طرفان پيش ڪيل معافي نامي واري معاهدي لاءِ راضي ٿي ويو. 13 مئي 2005 تي هن کي 160 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

جنوري 2008 تي هن انعامي پيشڪش جا چار هائيجيڪر خبرن مطابق پاڪستاني قبضي مان آزاد ٿي ويا. ودود محمد حافظ الترڪي، جمال سعيد عبدالرحيم، محمد عبدالله خليل حسين الراحايال، ۽ محمد احمد المنور ڊسٽرڪ آف ڪولمبيا طرفان هائجيڪنگ جي الزام ۾ مجرم ٺهرايل ۽ ڀاڃوڪڙ آهن.

وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو وانٽيڊ فار ٽيررزم (دهشتگردي لاءِ گهربل)

ودود محمد حافظ الترڪي

محمد احمد المنور

محمد عبدالله خليل حسين الرحايال

جمال سعيد عبدالرحيم