گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

مُعتز نعمان عبد نائِف نجم الجبُوري

5 ملين ڊالر تائين

مُعتز نعمان عبد نائِف نجم الجبُوري جنهن کي حاجي تيصر جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو سو اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق ائنڊ سريا (داعش) جو مکيه اڳواڻ ۽ آئسس جي پيشرو تنظيم عراقي القاعده (اي ڪيو آئي ) مان آيل ميمبر آهي.

الجبوري، آئسس جي دهشتگردي وارين ڪارواين ۽ بغاوت وارين سرگرمين لاءِ بم ٺاهڻ جو نگران رهيو آهي.

جون 2014 ۾ آئسس جنهن کي داعش جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو تنهن عراق ۽ شام جي ڪجھ حصن تي قبضو ڪري نام نهاد اسلامي خلافت طور اعلان ڪيو ۽ البغدادي کي خليفي طور اعلان ڪيو ويو. ويجهن سالن ۾، آئسس کي جهادي گروپن جي اطاعت ملي آهي ۽ آمريڪا تي حملن لاءِ اتساهڻ خاطر، سموري دنيا مان ماڻهن کي انتها پسند لائين تي تيار ڪيو پيو وڃي.

هي انعام آئسس خلاف اسانجي لڙائي ۾ اهم لمحو آهي. جنگ جي ميدان ۾ آئسس جي شڪست بعد، اسان گروپ جي اڳواڻن کي سڃاڻڻ ۽ کين ڳولڻ لاءِ پرعزم آهيون ته جيئن آئسس کي شڪست ڏيڻ لاءِ وڙهندڙ قومن جو عالمي اتحاد آئسس جي باقيات کي تباھ ڪرڻ جاري رکي ۽ انهن جي عالمگير ارادن کي روڪي.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

مُعتز نعمان عبد نائِف نجم الجبُوري