گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

موسيٰ اسوگلو

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

موسيٰ اساگلو انقلابي پيپلز لبريشن پارٽي / فرنٽ (ترڪي ۾: ديورمسي هاڪ ڪورتولوس پارتيسي سيفيسي، يا ڊي ايڇ ڪي پي / سي) جو خاص اڳواڻ آهي. ڊي ايڇ ڪي پي / سي 1994 ۾ ٺَهي، جڏهن هي پنهنجي اڳوڻي تنظيم، ديورمسي سول يا ديو سول، کان ٽٽي ڪري جدا ٿي. تڏهن کان هي آمريڪي مفادات، جن ۾ آمريڪي فوج، آمريڪي سياسي ڪارڪن ۽ آمريڪي سهولتن کي پنهنجو نشانو بڻائيندي ٿي اچي. هن جو هدف نيٽو ۽ آمريڪا کي ترڪي مان نيست و نابود ڪرڻ آهي، ۽ هڪ سوشلسٽ رياست ٺاهڻ آهي. فيبروري 2013 تي، هڪ خودڪش بمبار جيڪو هن گروپ سان لاڳاپيل هو انقاره ۾ آمريڪي سفارت خاني تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ترڪي جو سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو. آمريڪي رياستي اداري ڊي ايڇ ڪي پي / سي کي 1997 ۾ فارين ٽيررسٽ آرگنائزيشن طور نامزد ڪيو، ۽ 24 جولاءِ 2013 تي ان جو تجزيو ڪندي ان کي انهيءَ رتبي تي برقرار رکيو.

موسيٰ اساگلو 1990 ۾ ڊي ايڇ ڪي پي / سي ۾ شامل ٿيو جڏهن هو نيدرلينڊ جو رهائشي هو. خبرن مطابق هن کي هن گروپ جي اڳواڻي، گروپ جي باني درسُون ڪاراتاس کان وراثت ۾ ملي، جيڪو 2008 ۾ وفات ڪري ويو. اساگلو ڊي ايڇ ڪي پي / سي جي مرڪزي ڪميٽي جو ۽ گروپ جي خاص فيصلن ڪرڻ واري يونٽ جو ميمبر آهي، هي گروپ جي مالي معاملن کي به ڏسي ٿو ۽ يورپ ۾ گروپ لاءِ فنڊ به گڏ ڪري ٿو. ان کان علاوه مارچ 2013 ۾ جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي (اي ڪي پي) جي هيڊڪوارٽر ۽ ترڪي جي وزارتِ جسٽس خلاف حملن جو ذميوار به اساگلو کي ٺهرايو وڃي ٿو.

موسيٰ اساگلو، زرين سري، ۽ سحر دمير سين انقلابي پيپلز لبريشن پارٽي/فرنٽ (ترڪي ۾: ديورمسي هاڪ ڪورتولوس پارتيسي سيفاسي، يا ڊي ايڇ ڪي پي/سي) جا مخيه اڳواڻ آهن.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

موسيٰ اسوگلو جا وڌيڪ فوٽو.
موسيٰ اسوگلو جا وڌيڪ فوٽو.
موسيٰ اسوگلو جا وڌيڪ فوٽو.