محمد قادر موسئ رمضان اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ سيريا (ISIS) جو هڪ سينيئراڳواڻ آهي ۽ پڻ مک پروپيگنڊا ڪرڻ وارن مان آهي. هن کي ابو بڪر الغريب جي طور تي به سڃاتو ويندو آهي، رمضان اردن ۾ پيدا ٿيو.
رمضان ISIS ۾ گهڻي عرصي تائين ڪم ڪندڙ ميڊيا آفيسرن مان هڪ ۽ سينئر اڳواڻ آهي، جيڪو گروپن جي روزانه جي بنيادن تي ميڊيا آپريشنز جي نگراني ڪندو آهي، بشمول ISIS جي دنيا بهر ۾ منتشر نيٽورڪ جي مينيجمنٽ به آهي.رمضان جو هڪ اهم ڪردار آهي ISIS ۾ پرتشدد پروپيگنڊا ذريعي انتهاپسندي کي فروغ ڏيڻ سميت ڀرتي ڪرڻ ۽ دنيا بهر ۾ ماڻهن کي انفرادي طور تي اڪسائڻ ۾.هن ڪيترن ئي پروپيگنڊا وڊيوز جي منصوبه بندي، تعاون، انهن پيداوار ۽ اشاعت جي نگراني ڪئي، جنهنن ۾ معصوم شهرين کي وحشي ۽ ظالمانه تشدد ڪرڻ ۽ وڏي پيماني تي قتل عام جا منظر شامل آهن.پنهنجي پرتشدد انتهاپسندي کي نظر ۾ رکندي هن ISIS کي اعتدال پسند خيال رکندڙن کان صاف ڪيو ۽ ISIS جي پروپيگنڊا ٽيم جي انهن ميمبرن کي قيد ڪيو جيڪي هن جي مطابق اسلام جي تشريح ٿيل انتهاپسند خيالاتن تي پورا لهي نه سگهيا.