گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

محمد عبدالله خليل حسين الرحايال

5 ملين ڊالر تائين

ـ محمد عبدالله خليل حسين الرحايال 5 سيپٽمبر 1986 ۾ ڪراچي، پاڪستان جي زمين تي جهاز پان ايم فلائٽ 73 کي هائيجيڪ ڪرڻ جي حوالي سان گهربل آهي. همراه تي هيٺيان ڃاڻايل الزام آهن:

ـ آمريڪا جي خلاف حملي جي سازش؛ آمريڪا کان ٻاهر آمريڪي شهريت رکندڙن جي قتل جي سازش؛ آمريڪا ڪا ٻاهر آمريڪي شهريت رکندڙن جو قتل؛ آمريڪا کان ٻاهر آمريڪي شهريت رکندڙن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ؛ آمريڪا کان ٻاهر آمريڪي شهريت رکندڙن کي سخت جسماني طرح زخمي ڪرڻ؛ اغوا ڪرڻ؛ پرتشدد وارن واقعن ۾ هٿيارن جو استعمال ڪرڻ؛ جهاز تي تباهي وارو اوزار رکڻ؛ جهاز تي ڪنهن شخص تي تشدد و حراسان وارو عمل انجام ڏيڻ؛ جهاز کي اغوا؛ جهاز کي سخت نقصان پهچائڻ؛ غلط ڪم ۾ همٿائڻ ۽ ان لاءِ معاون بڻجڻ.

ـ ودود محمد حافظ الترڪي، جمال سعيد عبدالرحيم، محمد عبدالله خليل حسين الرحايال، ۽ محمد احمد المنور تي ڊسٽرڪ آف ڪولمبيا ۾ انهن جي ڪراچي جي زمين تي 5 سيپٽمر 1986 تي جهاز پان ايم فلائٽ 73 کي هائيجيڪ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. انهن تقريبن 16 ڪلاڪن کان جهاز ۽ ان جي 379 مسافرن ۽ عملي کي، جن ۾ 78 آمريڪي شهري هئا، کي روڪي رکيو. ۽ پوءِ هاجيڪرن مسافرن تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ماڻهون مري ويا ۽ 100 مان مٿي شديد زخمي ٿي پيا. هي افراد ابو ندال تنظيم جا ميمبر سمجهيا وڃن ٿا، جيڪو هڪ بين الاقوامي دهشتگرد نيٽورڪ آهي

سندس وڌيڪ ڦوٽو

جا فوٽ محمد عبدالله خليل حسين الرحايال