گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

محمد مڪاوي ابراهيم محمد

5 ملين ڊالر تائين

جنوري 2008 تي، يو ايس شهري ۽ يو ايس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊيويلپمينٽ (يو ايس اي آءِ ڊي) جي ملازم جان گرانول ۽ هن جي سوڊاني ڊرائير عبدالرحمٰن عباس راهاما کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن هو خرطوم، سوڊان ۾ نيو ايير ائيو جي تقريب کان موٽندي گهر وڃي رهيا هئا. گرانول، 33، سوڊان ۾ گورننس ۽ جمهوري پروگرامن تي ڪم ڪندو رهيو هو. عباس، 39، 2004 ۾ دارفور ۾ ڊزاسٽر اسسٽنس ريسپانس ٽيم ۾ هڪ ميمبر جي حيثيت سان يو ايس ايڊ جوائن ڪئي. هن حملي جي ٻن گروپن عليحده عليحده ذميداري جي دعويٰ ڪئي: انصار التوحيد (وحدانيت جا حامي) ۽ القائده ان دا لينڊز آف دا ٽو نائلز (اي ڪيو ٽي اين).

سوڊان جي قانوني نظام پنجن ماڻهن کي قتل ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ملزم ٺهرايو. عبدالرئوف ابو زيد محمد حمزه، محمد مڪوي ابراهيم محمد، عبدالباسط الحاج الحسن حاج حماد، ۽ محاند عثمان يوسف محمد کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي، پر پنهنجي سزايابي کان هڪ سال پوءِ ئي جيل مان فرار ٿي ويا. محاند خبر مطابق مئي 2011 ۾ سوماليه ۾ مري ويو. عبدالرئوف سوڊاني حڪام هٿان ٻيهر پڪتو ويو. مڪاوي ۽ عبدالباسط اڃان آزاد گهمي رهيا آهن.

مڪاوي جا سوڊان ۾ هڪ ٻي گروپ القائده ان دا لينڊ آف دا ٽو نائلز سان ٻنڌڻ هئا، جن يو ايس، ٻين مغربي ماڻهن ۽ سوڊانين تي حملي جو منصوبو ٺاهيو. هي ان گروپ جو ليڊر هو جنهن 1 جنوري 2008 تي حملو ڪيو، ۽ قتل ڪندڙ ٻن بندوق هلائيندڙن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. 11 جون 2010 تي خرطوم جي خوبار جيل مان فرار ٿيڻ کانپوءِ، مڪاوي صوماليه هليو ويو.